THATTANewsNetwork

THATTANewsNetwork Breaking News

12/06/2026

سخت گرمي سبب معصوم ٻارڙن ۾ ڊائريا ۽ ٻين بيمارين ۾ اضافو سول اسپتال مڪلي جي ايمرجنسي وارڊ ۾ ھڪ ئي وقت ڪيترائي معصوم گلڙن جھڙا ٻارڙا داخل الله پاڪ کان دعا آھي ته انھن معصوم گلڙن کي شفا ڏي ۽ جلد صحتياب ڪري شديد گرمي ۾ پنهنجن معصوم کي اس ۾ ٻاھر نڪرڻ کان بچايو سندن کاڌ خوراڪ پاڻي صفائي جو خيال رکو الله پاڪ ھر انسان کي اسپتال جيل ۽ ڪورٽ جي چڪر کان بچائي يقين ڄاڻو ھتي اچي اھي منظر ڏسي دل اداس ٿيو وڃي ٠٠٠

اھا ڪا تنقيدي پوسٽ ڪونهي سول اسپتال جي ايمرجنسي وارڊ ۾ ڊاڪٽر ۽ عملو پنهنجي وس ۽ سھوليتن آھر پنهنجي ڊيوٽي صحيح نموني سرانجام ڏئي رھيو ھو پر ايمرجنسي ۾ رش ھئڻ ڪري روزانو ۽ موڪلن وارن ڏينهن تي وڌيڪ ڊاڪٽر ۽ عملو مقرر ڪرڻ جي ضرورت آھي سول اسپتال مڪلي جو ايمرجنسي وارڊ ٺٽو ۽ سجاول ٻنهي ضلعن جي ايمرجنسي ڪيسن کي منهن ڏئي رھيو آھي ٠٠٠

توھانجو پسنديدا اڳواڻ يا اميدوار ڪير آھي ؟ ٠٠٠ٺٽو جي قومي اسمبلي تڪ NA 226 تي ايندڙ اليڪشن ۾ پيپلزپارٽي جي اڳواڻن ڊاڪٽر ...
12/06/2026

توھانجو پسنديدا اڳواڻ
يا اميدوار ڪير آھي ؟ ٠٠٠

ٺٽو جي قومي اسمبلي تڪ NA 226 تي ايندڙ اليڪشن ۾ پيپلزپارٽي جي اڳواڻن ڊاڪٽر عبدالواحد سومرو سسئي پليجو اياز علي شاھ شيرازي صادق علي ميمڻ مان پيپلزپارٽي جي ٽيڪيٽ ڪنهن کي ملڻ گھرجي ؟ ٠٠٠

اوھانجو پسنديدا اڳواڻ ۽ اميدوار ڪير آھي پنهنجي راء ڏيو ؟ ٠٠٠

ھڪ ٻئي آپشن تي به غور ڪريون ٿا ته جيڪڏهن ايندڙ اليڪشن ۾ پيپلزپارٽي ۽ شيرازي گروپ وچم سخت مقابلو ٿئي ٿو ته اياز علي شاھ شيرازي جي مقابلي ۾ پيپلزپارٽي جو مضبوط اميدوار صادق علي ميمڻ ھوندو ؟ ڊاڪٽر عبدالواحد سومرو ھوندو ؟ يا سسئي پليجو ھوندي ؟ پيپلزپارٽي قيادت ڪھڙي مضبوط اميدوار کي NA 226 ٺٽو تي ٽڪيٽ ڏيندي ؟ پنهنجي راء ڏيو ؟ ٠٠٠

مڪلي تي قائم ٿيل نئين شيرازي ھائوس ۽ ٺٽي ضلعي ۾ MNA اياز علي شاھ شيرازي جي انٽري ۽ سرگرمين ٺٽي ضلعي جي سياست ۾ نئوان بحث ڇيڙي ڇڏيا آھن ٠٠٠

ووٽر پنهنجي تڪ ۾ مختلف سياسي آپشن تي غور ڪري رھيا آھن بجلي جي ٽرانسفارمر پيور بلاڪ گھٽين سولر لائيٽس جي سياست زور پڪڙي وئي آھي ٻنهي ڌرين جا جيالا ۽ متوالا ميدان ۾ لٿل آھن ٺٽو ۽ مڪلي جي گھٽين ۾ گھمندي نظر اچن ٿا ٻھراڙي جي ڳوٺن وارا فلحال آسرو نه ڪن اليڪشن جي ويجهو نظر اينداسين ٠٠٠

بھرحال ھنن اڳواڻن مان توھانجو جيڪو به پسنديدا اڳواڻ آھي تفصيل سان نه به لکو پر صرف سندس نالو لکي دل يان گل جو نشان ڏئي ڪمينٽس ڪندا تڏهن به سروي ۾ خبر پئيجي ويندي ته توھان ڪنهن کي پسند ڪريو ٿا ٠٠٠

12/06/2026
12/06/2026

ڊپٽي ڪمشنر ٺٽو سرمد علي ڀاڳت کي ٽرانسپوٽرن ۽ ٽيڪسي ڊرائيورن پاران نوٽيس وٺڻ جي اپيل ٠٠٠٠

ٺٽو ۽ مڪلي جي ٽيڪسي ڊرائيورن صحافين اڳيان دانھيندي ڊپٽي ڪمشنر ٺٽو سرمد علي ڀاڳت ۽ اسسٽنٽ ڪمشنر شاڪر فھيم خٽڪ کي اپيل ڪئي آھي ته خدارا مڪلي تي قائم CNG اسٽيشنن جي مالڪن جي ھڪ ھٽي قائم ڪري پيٽرول جون قيمتون وڌڻ سان گڏ روز روز پاڻمرادو گئس جون قيمتون وڌائڻ واري معاملي جو نوٽيس ورتو وڃي ٠٠٠٠

ھنن چيو ته پيٽرول مھنگو ٿيڻ ڪري ھن مھنگائي دور ۾ ٻچن جو پيٽ گذر ڪرڻ لاء گاڏين ۾ CNG ڪٽ لڳرايون ھاڻي CNG اسٽيشن وارا بدمعاشي ڪرڻ تي لھي آيا آھن روز روز قيمتن ۾ اضافو ڪن ٿا نوري CNG اسٽيشن تي 300 روپيا ڪلو انکان اڳيان 280 روپيا ڪلو ۽ انکان اڳيان ٻي CNG اسٽيشن تي اڃان ٻيو ريٽ جنهن کي جتي اچي پيو اھو اتي عوام کي لٽي پيو مڇي مارڪيٽ وارا ريٽ لڳا پيا آھن ٿورو ڳالھائي ته CNG اسٽيشن بند ڪريو ڇڏين ته گئس ڪونھي ڪوبه چيڪ اينڊ بيلنس ڪونهي ڪوبه پڇڻ وارو ڪونهي اصل پنهنجي من ماني ۽ بدمعاشي لڳايو ويٺا آھن DC ٺٽو سرمد علي ڀاڳت ۽ AC شاڪر فھيم خٽڪ صاحب CNG اسٽيشن مالڪن سان گڏجاڻيون ڪيون پر CNG اسٽيشنن جي مالڪن انھن جي احڪامات تي عمل ڪونه ڪيو سندن خلاف جيستائين ڪاروائي ڪونه ٿيندي CNG اسٽيشنون سيل ڪونه ٿينديون تيستائين اھي رياست جي رٽ کي چيلينج ڪري عوام کي ٻنھي ھٿن سان لٽيندا رھندا ٠٠٠

ھنن چيو ته DC ٺٽو ۽ AC ٺٽو معاملي جو نوٽيس وٺي ايڪشن نه کنيو ته مڪلي بائي پاس تي ڌرڻو ھڻي ٺٽو ڪراچي نيشنل ھائي وي بلاڪ ڪنداسين ٠٠٠

ٺٽو ۽ سجاول ضلعن ۾ سنڌ جي گھرو کاتي جي اسٽيڊينگ ڪميٽي جي چيئرپرسن ميڊم فريال ٽالپر جي منشيات نيٽ ورڪ کي جڙ کان اکاڙي منش...
12/06/2026

ٺٽو ۽ سجاول ضلعن ۾ سنڌ جي گھرو کاتي جي اسٽيڊينگ ڪميٽي جي چيئرپرسن ميڊم فريال ٽالپر جي منشيات نيٽ ورڪ کي جڙ کان اکاڙي منشيات فروشن جي پاڙ پٽڻ واري حڪم تحت ٺٽو ۽ سجاول ضلعن جي SSPs , SHO , DSPs ۽ CIA انچارجز سمنڊ ۽ روڊ رستي ٿيندڙ سوپاري غيرملڪي شراب منشيات جي لانچن ھوڙن ۽ گاڏين ذريعي ٿيندڙ اسمگلينگ روڪڻ ۾ ڪيتري قدر ڪامياب ويا آھن ڪيتريون وڏيون گٽڪو مائو مين پڙي جون فيڪٽريون برسٽ ڪيون آھن ؟ فيڪٽريون ھلن پيون يا بند ٿي ويون آھن سمنڊ ۽ روڊ رستي منشيات جي اسمگلينگ ھلي پئي يا بند ٿي وئي آھي ؟ ٠٠٠

ٺٽو ۽ سجاول ضلعن جي ٿاڻن جا SHOs ٿدا ڇو ٿي ويا آھن ؟ وڏن وڏن منشيات فروشن کي گرفتار ڇو نٿا ڪن ؟ وڏيون وڏيون گٽڪا فيڪٽريون ۽ منشيات جا اڏا برسٽ ڇو نٿا ڪن ؟ اڃان تائين سمنڊ ۽ روڊ رستي سوپاري ۽ منشيات جي اسمگلينگ ڇو جاري آھي ؟ SSP ٺٽو ساجد امير سدوزئي ۽ SSP سجاول علينا راڄپر کي SHOs ۽ DSPs جي گڏجاڻي سڏائي کائن پڇاڻو ڪرڻ گھرجي ته گھرو کاتي جي اسٽيڊينگ ڪميٽي جي چيئرپرسن پيپلزپارٽي اڳواڻ ميڊم فريال ٽالپر جي ھدايت تحت ٺٽو ۽ سجاول ضلعن ۾ ھيستائين گٽڪي جون فيڪٽريون آئيس چرس آفيم منشيات ۽ آڪڙا پرچي جوا جا ڪيترا اڏا بند ٿي ويا آھن ۽ اڃان ڪيترا ھلن پيا ؟ ٠٠ ۽ IR لسٽ ۾ A+ ۽ A ڪيٽيگري جا ڪيترا منشيات فروش گرفتار ٿيا آھن ۽ اڃان ڪيترا ٻانهن لوڏي آزاد گمھن پيا ؟ ٠٠٠

پوليس کان علاوه چيڪ پوسٽن وارا ٻيا ادارا ڇا پيا ڪن ؟ انھن ڪيتريون ڪاريوان ڪيون آھن ۽ منشيات ۽ منشيات فروشن جي پاڙ پٽڻ لاء سنجيدا آھن ؟ ڪيتري منشيات پڪڙي آھي ٠٠٠

وڪيلن عدالتن مان ڪينسر پکڙيندڙ گٽڪو مائو مين پڙي آئيس ۽ ٻي منشيات جي ڪيترن وڏن منشيات فروشن ۽ اسمگلرن کي سزائون ڏياريون آھن ؟

سول سوسائيٽي جي ٻين ڪردارن سياسي سماجي پارٽين جي اڳواڻن دانشورن اديبن شاعرن صحافين ڪامورن ضلعي انتظاميا چونڊيل نمائيندن MNAs , MPAs ضلع ڪائونسل چيئرمينن ميونسپل ڪميٽي جي چيئرمينن ٽائون ڪميٽين جي چيئرمينن ڪائونسلرن پارٽي عھديدارن ذيلي تنظيمن جي عھديدارن منشيات جي خاتمي لاء سنجيدگي وارو ڪھڙو ڪردار ادا ڪيو آھي ؟ ٠٠٠

توھانجي شھرن ۽ ڳوٺن ۾ گٽڪو مائو مين پڙي جون فيڪٽريون منشيات آڪڙا پرچي جوا جا اڏا بند ٿي ويا آھن يا ھلن پيا ؟

گٽڪو مائو مين پڙي سفينا آئيس چرس آفيم شراب آڪڙا پرچي جوا ھر قسم جي منشيات جي ٺھڻ اسمگلينگ وڪري ۽ خاتمي لاء ٺٽو ۽ سجاول ضلعن ۾ تمام سياسي پارٽين کي گڏ ڪري ھڪ ڀرپور احتجاجي تحريڪ ھلڻ گھرجي يا نه ؟ توھانجي ڇا راء آھي ؟ ٠٠٠

17/05/2026

مونکي گٽڪو ۾ استعمال ٿيندڙ چورو لطف شاھ شيرازي سپلائي ڪندو آھي گرفتار منشيات فروش اسماعيل جاکرو جو لاڪپ ۾ پوليس بيان ۾ ڇرڪائيندڙ انڪشاف !!!

ٺٽو شھر جي شيرازي گلي ۾ SHO زياد نوناري جي اڳواڻي ۾ پوليس جو ڇاپو 2 منشيات فروش گرفتار وڏي مقدار ۾ سوپاري ھٿ ٠٠٠

مشيات فروش اسماعيل ولد شفيع محمد جاکرو پوليس کي ٻڌايو ته آئون ۽ منهنجو چاچو ولي محمد جاکرو گذريل ھڪ سال کان منشيات چورو جو ڪاروبار ڪندا آھيون اسانکي گٽڪي ۾ استعمال ٿيندڙ چورو لطف شاھ شيرازي سپلائي ڪندو آھي ٠٠٠

ٻئي منشيات فروش غلام شبير ولد فقير محمد پٺاڻ ٻڌايو ته گذريل ڏيڍ سال کان منشيات چورو جو ڪم ڪندو آھيان گٽڪو ۾ استعمال ٿيندڙ چورو منشيات فروش نعمان ڪاٺياواڙي ميمڻ سپلائي ڪندو آھي ٠٠٠

04/02/2026

چليا مدرسي ويجهو آئل ۽ چانورن سان ڀريل ٻن ٽرالرن جو پاڻ ۾ زور دار آمھون سامھون ٽڪر ٿي ويو آهي جنهن جي نتيجي ۾ هڪ ٽرالر ۾ ڊرائيور ۽ ڪلينر گاڏي اندر ڦاسي پيا آهن۰۰۰

مقامي ماڻهو پنهنجي مدد پاڻ تحت کين ڪڍڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن انتظاميه ۽ ريسڪيو ادارن کان اپيل آهي ته فوري طور پھچي انساني جانيون بچايون وڃن ۰۰۰

Address

Pakistan, Sindh, Karachi
Thatta
123456

Website

Alerts

Be the first to know and let us send you an email when THATTANewsNetwork posts news and promotions. Your email address will not be used for any other purpose, and you can unsubscribe at any time.

Contact The Business

Send a message to THATTANewsNetwork:

Shortcuts

Share