Shabir Shar Official

Shabir Shar Official This is Official page of Ghulam Shabir Shar Advocate Supreme Court.

03/08/2026

اڙي ڇو ٿا وهلور وڃو هاڻي ..

جنهن جنرل مشرف ڏنڊي بغل ۾ هڻي
سموري ميڊيا سامهون اعلان ڪيو ته هو
ائٽمي ڌماڪن کان پوءِ هاڻي ڪالا باغ جوڙڻ جو ڌماڪو ڪرڻ پيو وڃي پنهنجي سموري طاقت استعمال ڪرڻ کان پوءِ به ڪالا باغ جوڙائي نه سگهيو،
سو هاڻي بنا ڏنڊي جي حرامزادو خلائي مخلوق جو نمائندو سنڌ کي ورهائي ڇڏيندو،
ويهي ٿي دماغ شريف ۾ ڪا ڳالھ
هنن جي طاقت ۽ حڪمراني جي هي حد آهي،
ته زيارت ۾ پوليس ڪئمپ تي ويڙهاڪ حملو ٿا ڪن 22 ڪلاڪن تائين وائرليس تي مدد لاءِ رڙيون ڪندي رهيا پر اسان جي جمعدارن جي ڪن تي جون ڪان سُري،
ويڙهاڪن اتي31پوليس وارا ماري ڇڏيا جو هنن جو اصول آهي جيڪو سرڪار جو سهڪاري آهي اهو هنن جو دشمن آهي.

14ڏينهن تائين اتي ماڻهو 31 لاشا رکي ڌرڻو هڻي ويٺا ته جوڊيشل ڪميشن جوڙيو ته مدد ڇو نه آئي.
پر نورجهان جي ڳايل نغمي،
ميرا ماهي ڇيل ڇبيلا وارا شايد اهم ڪم لاءِ ايران جي بارڊر تي اوڳاڙي ڪرڻ ويا هوندا،
ڀيڻان 22 ڪلاڪن ۾ ڪي ته اتي پهچن ها پر ڪو هڪ اتي نه پهتو، توهين اسين خوف ۾ ماندا ٿيو پيا هنن کي مڙس ماڻهو سمجهون
سنڌ کي ڪمزور اوهين ٿا سمجهو سامراجي توهان کان خوفزده آهن،
اسين رڳو ٻه ڪم ڪريون،
هڪ ٻئي جي خلاف پروپئگنڊا کان هن وقت جي نزاڪت سبب پاسو ڪريون پنهنجن صفن ۾ اهڙن عنصرن کي سمجهايون.
ٻيو ننڊ نڀاڳي ڇڏي سڀيئي اٿي کڙا ٿيون جي روايتي اتحاد نٿا ڪري سگهو ته به خير آهي پنهنجين پنهنجين تنظيمن کي سنڌ دشمنن خلاف متحرڪ ڪريو
هي ٻھ
ڪالاباع ڪوششن باوجود جوڙائي نه سگهيا،
اسان جي ننڊ سبب هاڻي جلالپور ڪئنال واهي ڇڏيائون،
جو اسان سمجهيو ته اهو معاملو رڳو زين شاه جو آه،
جو هو پاڪستان جي آئين کي مڃي پيو، انڪري اسان جو ڇا وڃي؟
منهنجي نظر ۾ زين شاه سان ڀلي اختلاف رکو اهو توهان جو حق آهي پر پاڻي زندگي آهي ۽ پاڻي جهڙي اهم معاملي کي نظر انداز ڪرڻ کان وڌيڪ وطن سان ڪا به بي رحمي ٿي نٿي سگهي.
ڪراچيءَ کي ڪير به سنڌ کان جدا ڪونہ ٿو ڪري سگهي .

مائو زي تنگ 1927کان1949 تائين شديد جنگ ۾ ڪڏهين به ڪنهن شهر لاءِ ڪون وڙهيو هن جو سلسلو ڪراچي تي به لاڳو ٿيئي ٿو،
مائو زي تنگ جو جنگي اصول هو ته شهر لاءِ جنگ ڪرڻ ضروري ناهي ٻهراڙيون پنهنجي ڪنٽرول ۾ رکو
شهر توهان جي قدمن ۾ ڪري پوندا.
ان ڳاله جي شاهدي ڪراچي جا سمورا دوست ڏيندا ته بي نظير جي قتل تي نه رڳو روڊ رستا بند ۽ ريلون بيهي رهيون پر ڪراچي جا ماڻهو هر شي لاءِ دربدر هُئا،
سو ڪير به ڪراچي هڙ ۾ ٻڌي کڻي ڪون ٿو وڃي.
(الف) ڪراچيءَ ۾ سنڌ جا ڌڻي هاڻي وڏي تعداد ۾ آهن. جنهن کان هي سڀيئي خوفزده آهن.
3.سنڌ سميت هن ملڪ جي ڪابه حڪومت اڄ ڏينهن تائين خلائي مخلوق جي مرضي کان سواءِ نه ملي آهي نہ ڪو ڀٽو کي نہ ڪو بي نظير کي پنجاب انهن کي پنهنجي مقصدن لاءِ استعمال ڪري ماري يا مارائي ڇڏيو،
جنرل مشرف ۽ رحمان ملڪ رئيس وڏي سان جوڙي ڀيچي هُئا.
3.ملڪ جو نظام 75 سالن کان وردي پوشن مارشلائن جي هٿ هيٺ رهيو آهي ان جي مرضي سان قانون جُڙندا ۽ ٽڙندا هنن جي مرضي سان سندن وفادر دلالن ايم ڪيو ايم جي نسل پرست ليڊرن جي حق ۾ ٻٽو نظام جُڙيو هو
سو ڪو سؤلو ختم ڪونہ ٿيو هو
سڄي سنڌ ٻري پيئي هُئي،
سنڌي ماڻهن جي اڀار کان خوفزده ٿي خلائي مخلوق ٻٽو نظام ختم ڪرايو،
پنهل چانڊيو جي ڳوٺاڻا روڊ تي ويهي قرآن پڙهي رهيا هُئا هنن اسلام جي مجاهدن جي دعوا ڪندڙن انهن کي شهيد ڪيو، ڪير به روڊ تي ويٺلن مان پڙ تان ڀڳو ڪونہ،
هي سمورا بي هٿيار هنن جي هٿان انهن جي بندوقن ۽ مشين گنن جي برسٽن ۾ مارجي ويا.
هي دنيا جا انتهائي ڪميڻا ۽ چالاڪ آهن
هنن کي خبر آهي ته ڪالا باغ ڊيم جوڙائي نه سگهيا
سو سنڌ ورهائي نه سگهندا.

جنگي اصول هي آهي ته ڪوڙا ٽارگيٽ طئي ڪري
Smoke Screen
دونهن پکيڙي پنهنجا صل حدف لڪائبا آهن
هي سڀ ڪجه هنن جي اصل راند کان ڌيان هٽائڻ لاءِ پيا ڪن
اصل ۾ هو پراڻن ڇهن ڪئنالن جو ڪم سان گڏ چولستان جي رڻ پٽ جي زمينن کي آباد ڪرڻ لاءِ ڊيم پيا جوڙين،
ڪئنالن تي ڪم پيو هلي،
هن کان وڌيڪ هن صدي جو ڪو وڏو چرچو نه هوندو ته جن دانشورن سڄي ڄمار حڪمرانن جي سنهي ڪئي هجي سي دانشور اسان جي سنڌ جي وحدت کي بچائيندا.
تصويرو ڳالهائين ٿيون
جلالپور ڪئنال جي اصل گنجائش هڪ لک چوهتر هزار ايڪڙن جي آهي پر هن جي ڊزائين موجب هن جي گنجائش اڍائي لکن تائين وڌائي سگهجي ٿي ٻين لفظن ۾ سنڌ جا پنج لک ايڪڙ زمين سڪي برباد ٿيندي،
ڇھ پراڻا ناڪام ڪئنالن کي پڪو ڪري ان تي لکين ايڪڙ آباد ڪيا ويندا،
چشما جهلم لنڪ ڪئنال جنهن کي آبڪلاڻي جي موسم ۾ ڇھ ماهو هلڻو هو سو هاڻي ٻاروهوئي هلندو،
جو گريٽر ٿل ڪئنال جي جمعدارن جا باغ بستان سرسبز ڪرڻا اٿن، سنڌو-چناب مان ڀٽي صاحب پنجاب کي خوش ڪرڻ لاءِ پنجنند ڪئنال جوڙائي ڏنو هاڻي ان جي گنجائش وڌائي ويئي آهي
اهو به ٻارھوئي وهندو
سنڌ سڪي تان سڪي وڃي ان ۾ جمعدارن جو ربيع خريف ناهي.
هڪ
ان ڪري اٿو همٿ جا سندرا ٻڌو سنڌ پنهنجو وطن آهي سو مڪمل سياسي سماجي طور بدبودار ڀوتارن سردارن پيرن ملن کان آزاد ۽ جاگرافيائي ۽ قومي طور سامراجين کان آزاد پنهنجن ايندڙ نسلن لاءِ ڇڏي وڃون.

تصوير ڳالهائي ٿي
جلالپور ڪئنال جا ٻه فوٽو
کاٻي پاسي جلالپور جو سرڪاري ڦوٽو آھي جنهن مطابق گنجائش وڌائي ويندي.

Hussain Bux Thebo

12/07/2026

روشن خيالي: انسان جي فڪري آزاديءَ جو سفر

روشن خيالي (Enlightenment) رڳو هڪ فلسفياتي اصطلاح ناهي، پر اها انساني شعور جي اها عظيم تحريڪ آهي، جنهن انسان کي خوف، جهالت، وهم پرستي ۽ انڌي تقليد جي زنجيرن مان آزاد ٿيڻ جو حوصلو ڏنو. روشن خيال هجڻ جو مطلب مذهب، روايت يا ثقافت کان نفرت ڪرڻ ناهي، پر هر خيال، هر روايت ۽ هر اختيار کي عقل، دليل، تجربي ۽ اخلاقي اصولن جي ڪسوٽي تي پرکڻ آهي.

يورپ ۾ سترهين ۽ ارڙهين صديءَ دوران جيڪا فڪري تحريڪ اڀري، تنهن کي "روشن خياليءَ جو دور" چيو وڃي ٿو. ان دور ۾ مفڪرن اعلان ڪيو ته انسان جي سڀ کان وڏي طاقت سندس عقل آهي. جان لاڪ فرد جي بنيادي حقن جي ڳالهه ڪئي، والٽيئر اظهارِ راءِ جي آزاديءَ جو علم بلند ڪيو، مونٽيسڪيو اختيارن جي ورهاست جو نظريو پيش ڪيو، جين جيڪ روسو عوامي حاڪميت کي بنيادي حيثيت ڏني، جڏهن ته ايمانوئل ڪانٽ روشن خياليءَ جي هڪ لازوال تعريف ڏني: "پنهنجي عقل کي استعمال ڪرڻ جي جرئت ڪر." اها ئي فڪر جديد جمهوريت، انساني حقن، سائنسي ترقي ۽ آئيني رياست جي بنيادن کي مضبوط بڻائي.

تاريخ شاهد آهي ته جتي سوال ڪرڻ تي پابندي لڳائي ويندي آهي، اتي علم مري ويندو آهي. جتي اختلافِ راءِ کي جرم سمجهيو ويندو آهي، اتي تخليق ختم ٿي ويندي آهي. ۽ جتي انڌي تقليد کي فضيلت بڻايو ويندو آهي، اتي سماج جمود، غربت ۽ پٺتي پيل هجڻ جو شڪار ٿي ويندا آهن. ان جي ابتڙ، اهي قومون جن تنقيدي سوچ، تحقيق، تعليم ۽ مکالمي کي هٿي ڏني، اهي سائنس، معيشت، ادب، فلسفي ۽ رياستي نظام ۾ دنيا جي اڳواڻ بڻجي ويون.

روشن خياليءَ جو مطلب هرگز اهو ناهي ته انسان پنهنجي سڃاڻپ، مذهب يا تهذيب کان دستبردار ٿي وڃي. ان جو اصل مطلب اهو آهي ته انسان نفرت جي بدران دليل، تعصب جي بدران انصاف، ۽ انڌي تقليد جي بدران شعور کي اختيار ڪري. روشن خيال سماج اهو هوندو آهي، جتي سوال ڪرڻ گستاخي نه هوندي، تحقيق ڪرڻ جرم نه هوندو، اختلاف دشمني نه هوندو، ۽ علم ڪنهن هڪ طبقي جي جاگير نه هوندو.

ڪنهن به سماج جي ترقي رڳو سڙڪن، پلن ۽ اوچين عمارتن سان نه ٿيندي آهي، پر ان جي شهرين جي ذهنن جي وسعت سان ٿيندي آهي. جيڪڏهن تعليمي ادارا رڳو رٽو لڳائڻ وارا ماڻهو پيدا ڪن، جيڪڏهن ميڊيا رڳو جذبات ڀڙڪائڻ جو ڪم ڪري، جيڪڏهن سياست نفرت تي بيٺل هجي، ۽ جيڪڏهن مذهبي يا سماجي قيادت سوال کان ڊڄي، ته اهڙو سماج ڪجهه وقت ته هلي سگهي ٿو، پر پائيدار ترقي حاصل نٿو ڪري سگهي.

اڄ دنيا جي ڪامياب رياستن جي طاقت سندن قدرتي وسيلن کان وڌيڪ، سندن آزاد تعليمي ادارن، تحقيقي مرڪزن، سائنسي سوچ، قانون جي بالادستي ۽ اختلافِ راءِ جي احترام ۾ لڪل آهي. اهو ئي روشن خياليءَ جو عملي چهرو آهي.

هر دور ۾ اوندهه روشنيءَ کان ڊڄندي رهي آهي، ڇاڪاڻ⁠تہ روشني سوال پيدا ڪري ٿي، ۽ سوال طاقتور کي جواب ڏيڻ تي مجبور ڪري ٿو. تنهن ڪري روشن خيالي رڳو هڪ فلسفو ناهي، پر هڪ اخلاقي ذميواري پڻ آهي. اها انسان کي سيکاري ٿي ته سچ شخصيتن کان وڏو آهي، دليل طاقت کان مٿانهون آهي، ۽ علم هر قسم جي تعصب کان وڌيڪ قيمتي آهي.

جيڪي قومون روشن خيالي کي اختيار ڪن ٿيون، اهي پنهنجي مستقبل جون معمار بڻجن ٿيون؛ ۽ جيڪي قومون جهالت، تعصب ۽ انڌي تقليد کي پنهنجو مقدر بڻائين ٿيون، تاريخ انهن کي پوئتي ڇڏي ڏيندي آهي. انسان جي اصل عظمت انهيءَ ۾ آهي ته هو سوچي، سوال ڪري، سکي، پنهنجين غلطين مان سبق حاصل ڪري، ۽ هميشه هڪ بهتر سماج جي تعمير لاءِ ڪوشش ڪندو رهي. اهو ئي روشن خياليءَ جو پيغام آهي، ۽ اهو ئي هر مهذب، آزاد ۽ ترقي يافته سماج جو بنياد آهي.

21/06/2026
15/06/2026

I got over 50 reactions on my posts last week! Thanks everyone for your support! 🎉

05/06/2026

*شاہ جہاں بیگم اور رابرٹ واربرٹن*:
*جنگ کی آگ میں پروان چڑھنے والی ایک غیر معمولی داستان*

افغانستان کی تاریخ میں پہلی اینگلو افغان جنگ (1839ء تا 1842ء)
ایک ایسا باب ہے جو خونریزی،
سیاسی سازشوں اور سلطنتوں کے تصادم سے عبارت ہے۔
کابل کی گلیاں اس دور میں برطانوی فوج اور افغان مزاحمت کاروں کے درمیان کشمکش کا میدان بنی ہوئی تھیں۔
مگر اسی ہنگامہ خیز ماحول میں ایک ایسی داستان بھی جنم لے رہی تھی جو جنگ اور سیاست سے بالاتر ہو کر انسانی تعلقات، وفاداری اور تقدیر کے عجیب موڑوں کی نمائندگی کرتی ہے۔

یہ داستان افغان شاہی خاندان سے تعلق رکھنے والی شاہ جہاں بیگم اور برطانوی توپ خانے کے افسر لیفٹیننٹ کرنل رابرٹ واربرٹن کی ہے۔

شاہ جہاں بیگم افغانستان کے امیر دوست محمد خان کے خاندان سے تعلق رکھتی تھیں۔
تاریخی حوالوں کے مطابق وہ ان کی بھانجی تھیں اور افغان اشرافیہ میں نمایاں مقام رکھتی تھیں۔
ان کی پہلی شادی افغان ریاست کے ایک بااثر عہدیدار سردار فیض طلب خان سے ہوئی تھی،
تاہم یہ رشتہ زیادہ دیر قائم نہ رہ سکا اور
1841ء میں ان کے درمیان علیحدگی ہو گئی۔

اسی دوران کابل میں تعینات برطانوی افسر رابرٹ واربرٹن سے ان کی قربت پیدا ہوئی۔
مختلف تاریخی اور خاندانی روایات کے مطابق یہ تعلق رفتہ رفتہ ازدواجی رشتے میں بدل گیا۔
دونوں کی شادی 27 اکتوبر 1841ء کو کابل میں ہوئی،
جو اس دور کے غیر معمولی واقعات میں شمار کی جاتی ہے، کیونکہ اس وقت افغان اور برطانوی قوتیں ایک دوسرے کے مدِ مقابل کھڑی تھیں۔

مگر یہ خوشی زیادہ دیر برقرار نہ رہ سکی۔
نومبر 1841ء میں کابل میں برطانوی اقتدار کے خلاف شدید بغاوت پھوٹ پڑی۔
برطانوی سیاسی نمائندے
Alexander Burnes
سمیت متعدد اہم شخصیات ہلاک ہو گئیں اور پورا شہر جنگ کی لپیٹ میں آ گیا۔

ان پرآشوب حالات میں رابرٹ واربرٹن بھی قید اور خطرات سے دوچار ہوئے۔ مختلف تاریخی بیانات کے مطابق شاہ جہاں بیگم نے نہ صرف اپنے شوہر کا ساتھ نبھایا
بلکہ اپنے خاندانی روابط اور اثر و رسوخ کے ذریعے ان کی حفاظت میں بھی اہم کردار ادا کیا۔

اسی افراتفری کے دوران شاہ جہاں بیگم نے ایک غلجئی قلعے میں پناہ لی،
جہاں 11 جولائی 1842ء کو ان کے ہاں ایک بیٹے کی پیدائش ہوئی۔
اس بچے کا نام رابرٹ واربرٹن رکھا گیا،
جو بعد میں برطانوی ہند کی سرحدی پالیسی میں ایک نمایاں شخصیت کے طور پر ابھرا۔

یہی بچہ آگے چل کر
Sir Robert Warburton
کے نام سے مشہور ہؤا۔
افغان ماں اور برطانوی باپ کے بیٹے ہونے کے باعث وہ پشتو، فارسی اور قبائلی روایات سے بخوبی واقف تھے۔
اُنہوں نے خیبر پاس میں طویل عرصے تک سیاسی افسر کی حیثیت سے خدمات انجام دیں اور مقامی قبائل کے ساتھ تعلقات استوار کرنے میں اہم کردار ادا کیا۔
ان کی کتاب
Eighteen Years in the Khyber
آج بھی سرحدی تاریخ کا ایک اہم ماخذ سمجھی جاتی ہے۔

شاہ جہاں بیگم اور رابرٹ واربرٹن کی کہانی محض ایک شادی کی داستان نہیں،
بلکہ یہ اس حقیقت کی علامت ہے کہ جنگوں اور سیاسی دشمنیوں کے درمیان بھی انسانی رشتے جنم لیتے ہیں۔
پہلی اینگلو افغان جنگ کے خون آلود ماحول میں وجود پانے والا یہ رشتہ بعد کی تاریخ پر ایسے اثرات چھوڑ گیا
جن کی بازگشت خیبر کے پہاڑوں اور افغانستان کی وادیوں میں آج بھی سنائی دیتی ہے۔

شاید یہی وجہ ہے کہ شاہ جہاں بیگم اور رابرٹ واربرٹن کی داستان تاریخ کے ان نادر واقعات میں شمار ہوتی ہے جہاں محبت، وفاداری اور تقدیر نے جنگ اور سیاست پر سبقت حاصل کر لی۔
یہ نسخہ تاریخی اعتبار سے زیادہ محتاط ثابت ہؤا ۔۔

Ameer Badshah

28/05/2026

نظرياتي سياست جو زوال ۽ سنڌ جو الميو ...!!
لطيف جمال
سنڌ جي تپندڙ تندور جهڙين حالتن ۾ نظرياتي سياست جي زوال تي دوستو وسڪيءَ جي ناول “Notes From Underground” جون اهي سِٽون ياد اچڻ لڳن ٿيون ته: ”انسان رُڳو پنهنجا ڏُک ئي ڳڻيندو آهي پر خوشين جو حساب ناهي رکندو.“ دوستو وسڪيءَ جو اُهو ناول جيڪو 1864 ۾ ڇپيو. جنهن جا دنيا ۾ “Letters from the underworld” جي نالي سان ترجما به ڪيا ويا. پر اُهي رُڳو خط ئي نه هُئا پر اُهي اُن ناول جا اُهي باب هُئا. جيڪي مغربي فلسفي جي عقليت پسندي ۽ افاديت پسنديءَ تي ڪڙي تنقيد به هُئا. جنهن ۾ هُو اها وضاحت ڪري ٿو ته پنهنجي مُفادن خاطر ٻين کي اذيت ڏيڻ واري ڌنڌي جي تاريخ تمام گهڻي پُراڻي آهي. اُها سياسي مُفادن جي ڌنڌي ۾ هُجي يا ڏوهن جي دُنيا ۾ پر جڏهن به سنڌ جي سياسي حالتن تي ويچاربو آهي. تڏهن اسان کي رُڳو پنهنجا گُناهه ياد اچڻ لڳندا آهن. سياست مٿان ڌنڌوڙي دُنيا جا ماڻهو قابض ٿي ويا. سياسي پارٽين مان اسٽڊي سرڪلز به اڻلڀ ٿي ويون. ڪيترن موقعن تي ڪُجهه پارٽين جا ڪارڪن پنهنجا تعارف ڪرائيندي ائين به چوندي نظر ايندا آهن ته اُهي مرڪزي سياسي نظرياتي شُعبي جا ميمبر آهن. پر اُهي ڪتاب پڙهڻ ته پري جي ڳالهه آهي. پر اُهي دُنيا جي اخبارن کي آن لائين پڙهڻ به پسند نٿا ڪن. اهڙن نظرياتي شُعبن جو ڪهڙو فائدو؟ جيڪي پنهنجي سياسي تنظيمن جي ورڪرن جي سياسي تربيت جا سمورا سبق ويڙهي ڇڏين. جڏهن سياسي ورڪرن جي سياسي ۽ نظرياتي تربيت نه ٿيندي ته اُهي شخصي عقيدي پرستيءَ جا نوان بُت ٺاهڻ لڳندا ۽ سماج ۾ تبديليءَ جا نوان بنياد رکي نه سگهندا. هن وقت سنڌ ۾ اڪثر سياسي قيادتون 80 ۽ نوي واري ڏهاڪي جي پئداوار آهن. 80 جو ڏهاڪو سنڌ جي سياسي پارٽين ۽ ورڪرن جي نظرياتي سياسي تربيت جو سونهري دور سمجهيو وڃي ٿو. هي اُهو دور هو، جنهن دور ۾ سياسي ورڪر انقلابي سياسي ادب جي گود ۾ پلجي وڏا ٿيا هُئا. جيڪي مارڪس جي ”داس ڪيپيٽل“ ۽ لينن جي ”اسٽيٽ اينڊ رووليوشن“ کي پنهنجو سياسي صحيفو سمجهندا هُئا. جيڪي پاڻ کي ”گورڪي“ جي ناولن جو ڪردار سمجهندا هُئا. جن وٽ ”ميخائيل شولوخوف“ هو. جيڪي ”اينڊ ڪوائيٽ فلوز دي ڊان“ مان ريفرنس ڳولي مخالف سياسي پارٽين جي ورڪرن مٿان پنهنجي پڙهائيءَ جو رعب رکندا هُئا. جيڪي ٽالسٽاءِ، دوستووسڪي ۽ پُشڪن کي پڙهندا هُئا. جن وٽ افسانوي ادب کان سياسي ادب تائين هڪ وسيع ڪائنات هُئي. جيڪي گاسليٽ جي بتين تي به سرد سيارن ۾ پڙهندا هُئا ته لڱ ساڙيندڙ لوءِ وارين راتين ۾ به انقلابي ادب جي ديومالائي ڪردارن جا دوست بڻجي ويندا هُئا. اُن دور ۾ جتي آمريڪا جو ”ريڊرز ڊائجسٽ“ جيترو پاپولر هو. اُن کان وڌيڪ کاٻي ڌُر جي ڪارڪنن ۽ قومپرست ورڪرن ۾ روسي ڊائجسٽ ”اسپوتنڪ“ به پاپولر هو. پر اُهو ڊائجسٽ به سوويت يونين جي زوال سان گڏ ئي بند ٿي ويو ۽ سوويت يونين جي زوال سان پوري دُنيا مان نظرياتي سياست جي تڏا ويڙهه شروع ٿي وئي. اُهي سمورا سياسي ورڪر جيڪي انقلابي آدرشن خاطر وڏين طاقتن سان ويڙهاند جا خواب ڏسندا هُئا. سي آهستي آهستي وڏيرن ۽ جاگيردارن جا سڌي يا اڻسڌي طرح سهولتڪار بڻجي ويا. اُهي جن مٿان بندوقون اثر ڏيکاري نه سگهيون، سي کوٽن سِڪن جي لالچن ۾ پنهنجا نظرياتي آدرش ئي وساري ويٺا.
سياست رڳو اقتدار حاصل ڪرڻ جو نالو ناهي، پر اها سماجن جي فڪري تعمير، قومي شعور جي اُڀار، معاشي معاملن جي تعين ۽ عوامي نفسيات جي ترجمانيءَ جو به وڏو فن آهي. انهيءَ فن جون مرڪزي ڪردار اُهي قيادتون هونديون آهن. جن جي علمي، فڪري ۽ تجزياتي سمجهه ۽ حِس به تمام گهڻي طاقتور هوندي آهي. پر سوال اهو آهي ته ڇا علمي شعور، عقل، فهم ۽ ادراڪ کان سواءِ ڪنهن سياسي پارٽيءَ جي حقيقي قيادت ممڪن آهي؟ يا قيادت لاءِ علمي پختگي، تاريخي شعور، فلسفياتي ادراڪ ۽ فڪري وُسعت بنيادي شرط آهن؟ هي سوال رُڳو سنڌ، يا پاڪستان ۽ ڏکڻ ايشيا تائين ئي محدود ناهي. پر اهو سوال عالمي سياست ۾ به اهم موضوع رهيو آهي. قديم يونان کان وٺي جديد جمهوري رياستن تائين، سياسي مفڪرن، مورخن ۽ فلسفين انهيءَ نُڪتي تي زور ڏنو آهي ته سياست بغير علم جي هڪ خطرناڪ هٿيار بڻجي سگهي ٿي. افلاطون ته پنهنجي مشهور ڪتاب “The Republic” ۾ ”فلاسافر بادشاهه“جو تصور پيش ڪندي لکيو هو ته: ”رياست جي قيادت انهن ماڻهن جي هٿن ۾ هئڻ گهرجي، جيڪي علم، حڪمت، فڪر ۽ فهم ۾ سڀ کان مٿانهان هجن.“ ڇاڪاڻ ته اڻ پڙهيل يا محدود سياسي شعور رکندڙ حڪمران طبقو رياست ۽ سياست کي پنهنجي خواهشن جي تابع بڻائي ڇڏيندو آهي. سياسي عمل ۽ شعور جو مطلب رُڳو اسڪول يا يونيورسٽيءَ مان ڊگريءَ جي حاصلات ناهي. پر اهڙي علم جي حاصلات آهي. جيڪو علم انساني تجربن ۾ نئين سمجهه ۽ صلاحيت پئدا ڪري سگهي. ڪيترائي سياسي اڳواڻ رسمي تعليم کان گهڻو محروم هوندي به پنهنجي مطالعي، مشاهدي ۽ فڪري جاکوڙ وسيلي وڏا اڳواڻ بڻيا. مثال طور ”ابراهيم لنڪن“ وٽ جديد يونيورسٽيءَ جي ڪا تعليم نه هئي، پر هو ڪتابن جو عاشق هو. هو راتين جا ڏيئا ٻاري تاريخ، قانون ۽ فلسفو پڙهندو هو. انهيءَ علمي پسمنظر کيس آمريڪا جي گهرو ويڙهه جهڙي بحران ۾ هڪ غيرمعمولي مدبر بڻائي ڇڏيو. ساڳيءَ طرح ”ونسٽن چرچل“ به ڪنهن اعلى تعليمي اداري يا يونيورسٽيءَ مان ڪا تعليم حاصل نه ڪئي هُئي. هُو رُڳو فوجي اڪيڊميءَ مان پڙهيو هو. جنهن جو رُڳو فوجي پس منظر هو. پر هُو دُنيا جي ادب کان سواءِ، تاريخ، سياست ۽ فسلفي جو شاگرد هو. جيڪو خود وڏو تاريخدان ۽ ليکڪ به هو. ٻي عالمي جنگ ۾ ”ونسٽن چرچل“تاريخي شعور تي ٻڌل اهڙيون حڪمت عمليون جوڙيون، جنهن جي نتيجي ۾ ٻي مهاڀاري جنگ ۾ برطانيا غير معمولي فتح حاصل ڪئي. اهڙيءَ طرح آمريڪا جو پهريون صدر”جارج واشنگٽن“ جيڪو ڪڏهن به ڪنهن يونيورسٽي ۽ ڪاليج ۾ وڃي نه سگهيو. جنهن رُڳو 11 سالن جي ننڍڙي ڄمار ۾ شروعاتي اسڪولي تعليم ئي حاصل ڪئي. پر هُن برطانوي سامراج خلاف آمريڪي فوج جي ڪمانڊ ڪئي ۽ مُلڪ جي آزادي ممڪن بڻائي ڇڏي. آمريڪي تاريخ جي سڀ کان سگهاري شخصيت ”بيجمن فرينڪلن“ جي آهي جو آمريڪي ڊالر تي اڄ به اُن جي تصوير آهي. پر اُن ”بينجمن فرينڪلن“ ڪڏهن ڪنهن يونيورسٽي يا ڪاليج مان تعليم حاصل نه ڪئي هُئي. جنهن 10 سالن جي ننڍڙي عمر ۾ ئي اسڪول ڇڏي ڏنو هو. هُو جيڪو ڪُجهه سکيو، سمجهيو ۽ پڙهيو اُهو پنهنجي شوق ۽ ڪتابن سان لڳاءَ جو نتيجو هو. ”بينجمن فرينڪلن“ نه رُڳو تمام وڏو ليکڪ بڻيو، پر وڏو سياستدان به بڻجي ويو. نصابي تعليم اهم آهي پر اُها تعليم جيڪا اسان جي ذهني اوسر ۽ شعوري تربيت کي روڪي ڇڏي. جيڪا تعليم اسان جي ذهنن کي جاگيردار نفسيات جي اثرن جو قيدي بڻائي ڇڏي. اُها تعليم دُنيا کي تبديل نٿي ڪري سگهي. انڪري سنڌ جي سياسي قيادتن کي هن وقت سوچڻ گُهرجي ته علائقائي ۽ عالمي ادب، سياست، نفسيات، فسلسفي کان ڪٽجي سنڌي سماج ۾ تبديليءَ جا نوان بنياد رکي نٿا سگهو. اوهان ڀلي وقتي طور پنهنجي ۽ پنهنجي ورڪرن جي سياسي تربيت ڪرڻ کان پاسيرا ٿي وڃو ۽ ڀليون تقريرون ڪيو. پر جيسيتائين سنڌ جي سياسي ورڪرن ۾ سياسي شعور پئدا نه ٿيندو. اُهي رُڳو جزباتي نعرا ته هڻندا پر اُنهن نعرن جو اثر عارضي هوندو.
سياسي پارٽيون تڏهن ئي مضبوط ٿينديون آهن. جڏهن انهن وٽ مطالعاتي ڪلچر ۽ نظرياتي سياسي تربيت موجود هوندي آهي. ”انڊين نيشنل ڪانگريس“ کان وٺي ”آفريڪن نيشنل ڪانگريس“ تائين يا يورپ جي ڪيترين ئي جمهوري سياسي پارٽين تائين ڏسجي ٿو ته اُنهن وٽ سياسي تربيت جا ادارا، مطالعاتي حلقا ۽ فڪري مرڪز موجود رهيا آهن. انهيءَ جي ابتڙ جيڪي پارٽيون صرف شخصيتن يا خاندانن تي بيٺل هونديون آهن. اُهي پارٽيون پنهنجي سياسي رهنما جي طبعي وڇوڙي کان پوءِ زوال جو شڪار بڻجي وينديون آهن. سوشل ميڊيا جي هن دور ۾ سياست وڌيڪ حساس موضوع بڻجي پئي آهي. ڇاڪاڻ⁠ ته هاڻ نعرا، وڊيو ڪلپ، مصنوعي مقبوليت ۽ پروپيگنڊا جو اثر تمام گهڻو وڌي ويو آهي. اهڙي ماحول ۾ پڙهندڙ ۽ باشعور قيادت مٿان وڌيڪ ذميواريون عائد ٿين ٿيون. جيڪڏهن اهڙي وقت ۾ پارٽين جي مرڪزي سياسي قيادت رُڳو سياسي مقبوليت خاطر جزباتي تقريرن ۽ اڻپڙهيل ۽ سياسي شعور کان وانجهيل انبوهه جي فرمائشي انگلن کان مٿي نه سوچيو ته سنڌ جي وسيع تر قومي مُفادن جي حفاظت لاءِ ڪا گڏيل سنجيدهه سياسي جدوجهد ممڪن بڻجي نه سگهندي. جيڪڏهن موجودهه سنڌ جي سياسي پارٽين جون قيادتون عالمي معيشت، سفارتڪاري، تاريخ، فلسفي، ماحولياتي مسئلن ۽ جديد ٽيڪنالاجيءَ جي دُنيا کي نٿيون سمجهن ته اُهي عملي طور هڪ اهڙي جهاز ۾ سوار آهن جنهن جهاز جو ڪپتان ئي نابين آهي. ڇاڪاڻ ته هاڻ قومون هٿيارن کان وڌيڪ علم، تحقيق ۽ فڪري قيادت سان ئي ترقي ڪن ٿيون. اها ڳالهه ياد رکڻ گُهرجي ته جديد رياستون هاڻ رڳو جذباتي نعرا نه پر معاشي پاليسين، ٽيڪنالاجي، سفارتڪاري، موسمياتي تبديلين، مصنوعي ذهانت، سائبر سيڪيورٽي ۽ عالمي واپار جهڙن مسئلن سان واسطو رکن ٿيون. جيڪڏهن سياسي اڳواڻ پڙهندڙ ۽ باشعور نه هوندو ته هو انهن مسئلن کي سمجهي ڪيئن سگهندو؟ ۽ قوم جي رهنمائي ڪيئن ڪري سگهندو؟ ڪجهه نادان دوست اهو دليل ڏين ٿا ته عوامي مقبوليت، سياسي چالاڪي ۽ تنظيمي مهارت پڙهڻ کان وڌيڪ اهم آهن. بيشڪ عوام سان رابطو، تقرير، حڪمت عملي ۽ سياسي بصيرت ڪنهن به سياسي قيادت لاءِ انتهائي اهم آهن. پر اُهي سموريون صلاحيتون علم کان الڳ ٿي وڌيڪ خطرناڪ بڻجي وڃن ٿيون. اڻ پڙهيل قيادت اڪثر شخصيت پرستي، سازشي نظرين، جذباتي نعريبازين ۽ عارضي مفادن جو شڪار بڻجي ويندي آهي. اهڙي قيادت عوام کي باشعور بنائڻ بدران جذباتي هجوم ۾ تبديل ڪري ڇڏيندي آهي ۽ هُجوم ڪڏهن به انقلاب ۽ تبديليءَ جا بنياد رکي ناهن سگهندا.
نظرياتي سياست جي لهندڙ سج جي پوين پاڇن ۾ سنڌ جي موجودهه سياسي قيادت کان منهنجو هڪڙو سوال آهي ته هُو ڇا پڙهي رهيا آهن؟ اهو سوال اُنهن جي سياسي پارٽين جي نظرياتي شُعبن کان ناهي؟ جيڪي نظرياتي سياسي شُعبا رُڳو سوشل ميڊيا تي ٽڪ ٽاڪ جوڙي، نوان بُت ٺاهي رهيا آهن. منهنجو سوال سنڌ جي سياسي پارٽين جي مرڪزي قيادتن کان آهي ته هُو پنهنجي ڊگهن سفرن ۾ ڪهڙا ڪتاب پڙهن ٿا؟. ائين جيئن ”ونسٽن چرچل“ برطانوي تاريخدان ايڊورڊ گبسن جي ڪتاب “The History of the Decline and Fall of the Roman Empire” کي ساهه ۾ سانڍيندو هو. جيئن ”جان ملٽن“ جي شاعريءَ جي ڪتاب ”پئراڊائيز لاسٽ“ جو شوقين هو. ائين جيئن نهرو ٽالسٽاءِ جي ڪتاب ”وار اينڊ پيس“ کي پڙهندو هو ۽ مارڪس جي ”داس ڪيپيٽل“ کي ساڻ کڻندو هو. جيئن افلاطون جي “The Republic” کي پنهنجي ذهن سازيءَ لاءِ اهم سمجهندو هو. ائين جيئن مائوزيتنگ 18 هين صديءَ جي عظيم ڪلاسيڪل ادب جي چئن چونڊ ناولن ۾ ڳڻيو ويندڙ ناول “Dream of the Red Chamber” کي وڏي چاهه سان پڙهندو هو ۽ پنهنجي سياسي ورڪرن کي صلاحون ڏيندو هو ته: ”جيڪڏهن چين جي تاريخ ۽ ثقافت کي سمجهڻو اٿو ته هن ناول کي گهٽ ۾ گهٽ پنج ڀيرا پڙهو.“ ڀُٽي لاءِ مشهور آهي ته ميڪائولي جو ڪتاب ”دي پرنس“ ۽ روسو جو ڪتاب ”دي سوشل ڪانٽريڪٽ“ اُن جا پسنديدهه ڪتاب هُئا. ائين ئي ڪمال اتاترڪ کان نيلسن منڊيلا تائين ۽ ابراهيم لنڪن کان عبدالواحد آريسر ۽ رسول بخش پليجي تائين سڀني سياسي اڳواڻن جي پسند جا ڪتاب رهيا هُئا. اُهي پڙهندا هُئا. اُنهن جي اثر ۾ رهندڙ سياسي ڪارڪنن جي تربيت به ٿيندي هُئي پر ڇا موجودهه سياسي قيادت وٽ اُها علمي ۽ فڪري اُڃ آهي؟ جيڪا اُنهن جي سياسي پارٽين جي ورڪرن ۾ پئدا ٿي سگهي؟ سنڌ جي هن نظرياتي دور ۾ جتي سياسي قيادت ڪتابن کان ڪٽيل هُجي. اُتي دوستو وسڪيءَ جو اُهو ناول “Notes from Underground” ياد اچڻ لڳي ٿو. جيڪو ”سينٽ پيٽرسبرگ“ جي ڪٿا بيان ڪري ٿو. جنهن ناول ۾ دل کي ڇُهندڙ اُهي سِٽون به آهن ته: ”حد کان وڌيڪ هوشيار ٿيڻ به هڪ بيماري آهي.“ اُها بيماري جيڪا سنڌ جي سياست کي ئي نه پر هاڻ سياسي پارٽين جي قيادتن کي به وڻ ويڙهيءَ وانگر وڪوڙي چُڪي آهي.
E-mail: [email protected]

Address

Sukkur

Website

Alerts

Be the first to know and let us send you an email when Shabir Shar Official posts news and promotions. Your email address will not be used for any other purpose, and you can unsubscribe at any time.

Shortcuts

Share