03/10/2026
الحمدلله جيئن ته اسان جي معزز سينيئر ايڊووڪيٽ محمد ايوب خان خانزاده صاحب سان لاڳاپيل معاملو آخرڪار حل ٿي ويو آهي، ڪالھ مبينا طور تي ايس ايس پي جوابدارن جي حمايت ڪئي ۽ ايس ايس پي قمبر-شهدادڪوٽ ايف آءِ آر درج ڪرڻ کان انڪار ڪيو پر اڄ اسان جي معزز سينيئر ايڊووڪيٽ شفيع کوسو صاحب ۽ ٻين ساٿي وڪيلن مضبوط موقف اختيار ڪندي ايس ايس پي آڏو وڪيل برادري جي آواز ۽ طاقت ڏيکاريندي پي ايس قمبر ٿاڻي تي ايف آر درج ڪرائيندي هن ڪاميابي جو ڪريڊٽ ايڊووڪيٽ شفيع صاحب ۽ انهن سڀني ساٿي وڪيلن کي وڃي ٿو جن اتحاد جو مظاهرو ڪندي پنهنجي سينيئر ساٿي جو ڀرپور ساٿ ڏنو.
وڪيلن جو اتحاد ئي اسان جي طاقت آهي.✌