24/08/2026
الحمدلله، انسانيت، احساس، نيڪ نيتي ۽ همدردي
آصف حسين چانڊيو، جنرل سيڪريٽري سنڌ هاءِ ڪورٽ بار ايسوسيئيشن لاڙڪاڻو، پنهنجي وڪالت جي عرصي دوران غريب، اٻوجهه ۽ مسڪين ٻارڙن جي بهتر مستقبل ۽ تعليم جي حق لاءِ سنڌ هاءِ ڪورٽ، سرڪٽ ڪورٽ لاڙڪاڻو ۾ آئيني درخواست داخل ڪئي.
شاهه آباد پرائمري اسڪول، پراڻي بس اسٽينڊ لاڙڪاڻو، هڪ انتهائي ناڪاره، زبون حال ۽ تنگ عمارت ۾ قائم هو، جتي صرف 6 ڪمرا موجود هئا ۽ لڳ ڀڳ 600 معصوم نياڻيون ۽ ٻارڙا پرائمري تعليم حاصل ڪري رهيا هئا. ڪلاسن جي شديد کوٽ سبب معصوم شاگرد ۽ استاد سخت گرمي، نٽهڻ اس ۽ ٻرندڙ سج هيٺ ويهي تعليم حاصل ڪرڻ تي مجبور هئا.
محترم جج صاحبان، ان آئيني درخواست تي سنڌ حڪومت جون اکيون کوليون ۽ لاڳاپيل اختيارين کي معصوم ٻارڙن جي بنيادي تعليمي ضرورتن کي پورو ڪرڻ لاءِ قدم کڻڻ جون هدايتون ڏنيون.
اڄ، الله سبحان وتعاليٰ جي فضل ۽ ڪرم سان، انهن معصوم شاگردن کي هڪ نئين ۽ بهتر اسڪول جي عمارت ميسر ٿي آهي، جيڪا آصف حسين چانڊيو ايڊووڪيٽ جي ڪوششن جو ثمر پڻ آهي. نئين عمارت ۾ الحمدلله 10 ڪشادا ڪلاس روم، ورانڊا ۽ هڪ ننڍڙو ميدان موجود آهي، جنهن سان شاگردن ۽ استادن لاءِ تعليمي ماحول ۾ نمايان بهتري آئي آهي.
اڄ ان نئين عمارت جو معائنو ڪيو ويو ۽ دل کي اها خوشي حاصل ٿي ته جن معصوم ٻارڙن لاءِ آواز اٿاريو ويو هو، انهن کي هاڻي هڪ بهتر، محفوظ ۽ مناسب تعليمي ماحول ميسر ٿي چڪو آهي.
هي ئي انسانيت آهي، هي ئي احساس آهي، ۽ هي ئي وڪالت جي اصل خدمت آهي—جتي قانون سان گڏ انسانيت لاءِ به آواز بلند ڪيو وڃي.
آصف حسين چانڊيو
جنرل سيڪريٽري
سنڌ هاءِ ڪورٽ بار ايسوسيئيشن، لاڙڪاڻو