Muhammad Aqeel Chang

Muhammad Aqeel Chang Advocate | Hur | PMLF Activist
(3)

24/05/2026

چیف خلیفہ پیر صاحب پگارہ فقیر کلیم اللہ کی رحیم یارخان چولستان آمد کے وقت ❤️

23/05/2026

کراچی
پاکستان مسلم لیگ فنکشنل سندھ کے صدر سید صدرالدین شاہ راشدی کے ساتھ باربی کیو ٹوناٸیٹ ریسٹورنٹ پر پاکستان مسلم لیگ فنکشنل سندھ کے فنانس سیکرٹری سید شفقت حسین شاہ، فنکشنل لیگ سندھ کے ایڈیشنل انفارمیشن سیکرٹری حاجی محمد خان پھلپوٹو، پاکستان مسلم لیگ فنکشنل تعلقہ خیرپور کے صدر حاجی عبدالغنی پھلپوٹو پاکستان مسلم لیگ فنکشنل سے تعلقہ خیرپور جو صدر حاجی عبدالغنی پھلپوٹو صابر حسین مهیسر حاجی محمد عثمان پھلپوٹو موجود موجود تھے

عید کے بعد سندھ بھر کا دورہ کروں گا اور کارکنان سے ملاقاتیں بھی ہوں گی۔پارٹی کو مزید مضبوط، منظم اور فعال بنانے کے لیے ہ...
23/05/2026

عید کے بعد سندھ بھر کا دورہ کروں گا اور کارکنان سے ملاقاتیں بھی ہوں گی۔
پارٹی کو مزید مضبوط، منظم اور فعال بنانے کے لیے ہر ضلع میں کارکنان سے قریبی رابطہ رکھا جائے گا۔

— سید محمد راشد شاہ

22/05/2026

21/05/2026

ڪراچي 21/5/2026
عوامي سياست جو سرواڻ سيد محمد راشد شاھ سندن فرزند سيد محمد بقا شاھ ۽ سردار معظم عباسي جن ڪورنگي ۾.

20/05/2026

خيرپور سان وابستا هڪ اهم شخصيت تمام جلد فنڪشنل مسلم ليگ ۾ شامل ٿيندي

اس سیاسی بحران کے حل میں پیر صاحب پگارہ اور حر جماعت کا کردار اہمیت کا حامل ہوتا جاے گا فواد چوھدری
20/05/2026

اس سیاسی بحران کے حل میں پیر صاحب پگارہ اور حر جماعت کا کردار اہمیت کا حامل ہوتا جاے گا فواد چوھدری

اشارا ۽ مشورا ڏيڻ وارا ناھن رھياپاڳارا خاندان پاڪستان کي بچائڻ لاءِ منظمھاڻي دنيا ڏسي ڇڏيو مفاد پرست سياستدانن پاڪستان ج...
20/05/2026

اشارا ۽ مشورا ڏيڻ وارا ناھن رھيا
پاڳارا خاندان پاڪستان کي بچائڻ لاءِ منظم
ھاڻي دنيا ڏسي ڇڏيو مفاد پرست سياستدانن پاڪستان جو ڪھڙو حشر ڪيو آھي، ھاڻي ملڪ جي محب وطنن کي وارو ملڻ گھرجي، سنڌ پاڪستان جي ريڙھ جي ھڏي آھي، سنڌ سان گذريل 18 سالن ۾ جيڪا ويساھ گهاتي ٿي آھي اھا دنيا جي ڪنھن ماڻھوءَ کان ڳجھي ناھي، سنڌ سورن ۾ آھي سنڌ جا رھواسي بنيادي سهولتن کان محروم آھن، پر اھا ڪنھن کي پرواھ نہ ھئي اھا پرواھ وري به ڪئي ته انھيءَ عظيم ھستي تحريڪ آزاديءَ جي سرواڻ شھيد سورھيه بادشاھ جي پڙ پوٽي ڪئي، ھن چيو ته سنڌ جا سڄڻ اچو گڏ ٿيو ته پيرسائين پاڳارا جي قيادت ۾ سنڌ جي مظلوم عوام جو آواز بڻجون، ھاڻي گھڻو ٿيو اسان جا معتبر معزز ٻڪري چوري، موٽر سائيڪل ڦر جي ڪيسن ۾ ڦاسايا پيا وڃن ته ھيٺين طبقي جي ماڻھن جو جو حشر ڇا ڪيو ويو ھوندو ۽ آخر سيد محمد راشد شاه ۽ معظم علي عباسي پيرسائين پاڳارا کان دعا وٺي نڪري پيا،
ھڪ ڳالھ ضرور ڪبي ته پيرسائين پاڳارا جي شير عوامي سياست جي سرواڻ سيد محمد راشد شاه پيرسائين سردار جو حُرُ بڻجي پاڪستان جي سياست خاص ڪري سنڌ جي سياست ۾ ھلچل پيدا ڪري ڇڏي آھي، اردو ۾ چئبو آھي شیر کی دہاڑ؛ واقعي مون ڏٺو آھي ته مخالفن جي باڊي لينگويج سندن ساٿ نه پئي ڏئي، جيئن چوندا آھن ته ھمراھن جا ھوش اڏامي ويا آھن، سيد محمد راشد شاه اھڙو ڪم ته ڪيو آھي باقي ھاڻي سيد محمد راشد شاه وٽ حرام جو پئسو ناھي ته خريد فروخت ۾ حصو وٺي سندس جاکوڙ ئي سندس سرمايو آھي سنڌ جي عوام کي انھيءَ طرف سوچڻ گھرجي ته متبادل قيادت آهي اھا آھي پيرسائين پاڳارو ۽ سندس خاندان جيڪو مظلومن جو درد رکي ٿو مظلوم جو ڏک سک جو ساٿي آھي،
وقت سر ڳالھ ھلندي رھندي جن کي خاندان متعلق خدشا ھئا ڪالھ کانپوءِ سندن منھن ۾ ڇا بچيو ھوندو، پيرسائين پاڳارا جا سپاھي سيد صدرالدين شاھ راشدي، سيد محمد راشد شاه، سيد محمد اسماعيل شاھ راشدي، سردار معظم علي خان عباسي، سردار محمد خان جوڻيجو نئون سپاھي اسانجو پراڻو واسطيدار بابو سرور سيال، حسنين مرزا سڀ ھڪ پيج تي آھن اجايون ڳالهيون ڪندڙن جون وايون بتال ٿيون آھن، سياست ۾ ڪو به رستو آخري رستو ناھي ھوندو سياست ۾ ڪجھ به ٿي سگھي ٿو،
سيد محمد راشد شاه ھڪ پريس ڪانفرنس ۾ چيو ھو ته قربانيءَ جي عيد ته وڌيڪ معتبر معزز مسلم ليگ فنڪشنل ۾ شامل ٿيندا، انھيءَ سان به لڳي ٿو ته پيپلزپارٽي وارا ڪن ڳڻ شروع ڪئي آهي ته ڪٿي ڪو گھٽجي نه وڃي، مان چوان ٿو ته پيپلزپارٽي وارا پريشان نه ٿين سندن ڪَنن ۾ گھٽتائي اليڪشن ويجھو ايندي في الحال پريشان نه ٿين منھنجي ذاتي تجزيي ۽ مشاهدي مطابق في الحال راشد سائين ھڪ ٽيلر پيو ڏيکاري اصل فلم جو سين اليڪشن جي ڏينھن ۾ شروع ٿيندو، شايد ايم پي ايز ۽ ايم اين ايز پوءِ ظاھر ٿيندا جيڪا تمام گھڻا پريشان حال آھن مسٽر 10٪ جي ناجائز پاليسين کان،
سيد صدرالدين شاھ راشدي ھڪ واضع پيغام ڏنو آھي ته اگر خطرن جي کھلاڙيء ۾ دم آھي ته پاڻ بچائي جي بچائي ويو ته سندس نالو تاريخ ۾ لکيو پڙھيو ويندو، يونس سائين جو اھو به چوڻ ھو ته اسان ڪنھن جي اشاري تي ھلڻ وارا ناھيون ھا اسان جو والد چوندو ھو مان جي ايڇ ڪيو جو ماڻھو آھيان سو جيڪو به محب وطن آھي اھو جي ايڇ ڪيو جو ماڻھو آھي، ھن چيو ته اسان لڳا پيا آھيون سنڌ ھنن کان واپس وٺون ڇو ته سنڌ جا حقيقي وارث اسان آھيون ھن وطن کي آزاد ڪرائڻ لاءِ اسان جي وڏڙن جون قربانيون آھن، ھن اھو به واضع ڪيو اشارن وارو دور رھيو ناھي ۽ اشارو ڪرڻ ۽ مشورا ڏيڻ وارا بدلي ٿي ويا آھن ، سائين جن صحافي ڀائرن کي به چيو ته پنھنجو غير منصفاڻہ ڪردار ادا ڪندي حق سچ جو ساٿ ڏيو سچائي جيڪا آھي ان تي لکو، توھان به ھن جدوجھد ۾ اھم ڪردار ادا ڪري سگھو ٿا سو ڪيو،

ذوالفقار ڀٽو جونيئر جيڪو پاڪستان پيپلزپارٽي جو حقيقي اصل وارث آھي اھو بہ ھاڻي ڪافي مطمئن نظر پيو اچي شايد کيس کي به حق ملڻ وارو آھي يا وري ھو پنھنجي بابا شھيد مير مرتضيٰ ڀٽو جي گھاٽي دوست پيرسائين پاڳارا سان گڏجي جدوجھد جو حصو بڻبو ۽ اليڪشن ۾ ھمراھن کان ٺيڪ ٺاڪ حساب وٺندو جونيئر جو حق به آھي ھن حق ملڻ گھرجي، منھنجي خيال ۾ شھيد ڀٽو جا نظرياتي ڪارڪن جونيئر ذوالفقار علي ڀٽو جو ساٿ ڏيندا،
جي يو آئي ف به مسلم ليگ فنڪشنل سان ھن وقت تمام گھڻي ھم خيال پئي نظر اچي، پر مون ڏٺو آھي ته ھر اليڪشن ۾ جي يو آئي ف مسلم ليگ فنڪشنل سان گھڻين جڳھين تي گڏ ھوندي آھي ھاڻي لڳي ٿو ھي اتحاد به ملڪي سطح تائين نه ٿي وڃي،
مان سمجھان ٿو ملڪ جو بھادر سپھ سالار فيلڊ مارشل عاصم منير ملڪ جي محب وطنن کي ھڪ پيج تي آڻيندو جيڪي پنھنجي مفاد کان پھريان پنھنجي ملڪ جي مفاد کي اھميت ڏيندا آھن پنھنجي قوم جي مفاد کي اھميت ڏيندا آھن، پوءِ اھو نعرو تمام ضرور آھي متحد سنڌ ۽ مضبوط پاڪستان،
بحرحال ھاڻي اکيون انھن کي بہ کولي ڏسڻو پوندو ته پاڪستان جا سڄڻ ڪير آھن ۽ انھن سڄڻن کي پري ڇو رکيو ويو آھي جن جا حر ھر محاذ تي افواج پاڪستان سان ڪلھو ڪلھي ۾ ملائي سرحدن جي حفاظت ۾ ساڻن شانہ بشانہ گڏ بيھندا آھن، کين تاريخ جا ورق اٿلائي پڙھڻ جي ضرورت آھي ته پيرپاڳارا خاندان جي تاريخ ڇا آھي ڪيتريون وڏيون وڏيون قربانيون ھنن ھن وطن خاطر ڏنيون آھن ۽ اڄ قربانيون ڏيڻ کان پوئتي نه ٿا ھٽن،
ادا آءٌ ڪو لکڻي داس ناھيان بس جيڪو دل ۾ ايندو ويو لکندو ويس ڪٿي ڪا ڀل چڪ ٿي ھجي تہ معاف ڪندا، ٻيو سائينء جن بار بار چون پيا صحافي قلمڪار سوشل ميڊيا جا دوست سچ لکو ۽ ڪردار ادا ڪيو سو سچائيءَ جي ھن ويڙھ ۾ پنھنجو ننڍڙو ڪردار ادا پيو ڪيان.
ڀيڄ پاڳارا پيرسائين سردار
پاڪستان زنده باد، افواج پاڪستان زنده باد
حر مجاھد فورس زنده باد

منهنجون پيشن گويون ، علم نجوم،، سان ناهن هونديون ، بلڪ اهي ڪامن سينس،، سان ڪندو آهيان ، مان محسوس ڪري وٺندو آهيان، ته حا...
20/05/2026

منهنجون پيشن گويون ، علم نجوم،، سان ناهن هونديون ، بلڪ اهي ڪامن سينس،، سان ڪندو آهيان ، مان محسوس ڪري وٺندو آهيان، ته حالات ڪهڙي رخ ڏانهن وڃي رهيا آهن، مان لنڊن،، ۾ هجان ها ته منهنجو وڏو قدر ڪيو وڃي ها، منهنجون ڳالهيون ماڻهن کي دير سان سمجھ ۾ اينديون آهن، مان جيڪا به ڳالھ ڪندو آهيان، ان ۾ يقين، جي سگھ شامل هوندي آهي،،، حضرت شاہ مردان شاہ ڇهٽ دھنی رحمت اللہ علیہ

20/05/2026










حرن جي روحاني پيشوا اعلي حضرت پير سائين پاڳارو سان پير صدرالدين شاه راشدي ۽ سائره بانو جي ملاقات
19/05/2026

حرن جي روحاني پيشوا اعلي حضرت پير سائين پاڳارو سان پير صدرالدين شاه راشدي ۽ سائره بانو جي ملاقات

Address

DHA
Karachi
75510

Alerts

Be the first to know and let us send you an email when Muhammad Aqeel Chang posts news and promotions. Your email address will not be used for any other purpose, and you can unsubscribe at any time.

Contact The Business

Send a message to Muhammad Aqeel Chang:

Share