ZJ Legal

ZJ Legal Way towards Justice

عورتن جي وراثتي حقن بابت وفاقي آئيني عدالت جو اهم فيصلووفاقي آئيني عدالت واضح ڪيو آهي ته عورتن کي سندن شرعي ۽ قانوني ورا...
23/06/2026

عورتن جي وراثتي حقن بابت وفاقي آئيني عدالت جو اهم فيصلو

وفاقي آئيني عدالت واضح ڪيو آهي ته عورتن کي سندن شرعي ۽ قانوني وراثتي حقن کان محروم ڪرڻ نه رڳو قانون جي خلاف آهي، پر اسلامي حڪمن جي به کليل ڀڃڪڙي آهي.

عدالت قرار ڏنو ته عورتن جا وراثتي حق ڪنهن جي مهرباني يا رعايت نه، پر الله تعاليٰ طرفان مقرر ڪيل حق آهن، جن جو تحفظ رياست ۽ عدالتن جي آئيني ذميواري آهي.

فيصلي ۾ چيو ويو ته:
✔️ عورتن کان زبردستي يا دٻاءَ هيٺ ورتل دستبرداريون شڪ جي نگاهه سان ڏٺيون وينديون.
✔️ وراثت تان هٿ کڻڻ لاءِ آزاد مرضي، مڪمل ڄاڻ ۽ بغير ڪنهن دٻاءَ جي رضامندي ثابت ڪرڻ ضروري هوندي.
✔️ جعلي دستاويزن، فراڊ يا خانداني دٻاءَ ذريعي عورتن کي وراثت کان محروم ڪرڻ ناقابل قبول آهي.
✔️ نوٽري پبلڪ ۽ ٻين قانوني عملدارن تي به ذميواري عائد ٿئي ٿي ته هو دستاويزن جي صحيح تصديق کي يقيني بڻائين.

عدالت زور ڏنو ته عورتن کي سندن جائز وراثتي حصي کان محروم ڪرڻ واريون رسمون ۽ روايتون نه اسلام ۾ جائز آهن ۽ نه ئي آئين ۽ قانون ۾.

قانون جي بالادستي تڏهن ئي ممڪن آهي جڏهن سماج جي ڪمزور طبقي، خاص طور عورتن، جي حقن جو مڪمل تحفظ ڪيو وڃي.

Adv Zohaib Jamali
0335 3879854

⚖️ سپريم ڪورٽ جو اهم فيصلو: جج لاءِ سٺي شهرت لازمي آهيسپريم ڪورٽ آف پاڪستان هڪ اهم فيصلي ۾ قرار ڏنو آهي ته جج جي حيثيت ص...
21/06/2026

⚖️ سپريم ڪورٽ جو اهم فيصلو: جج لاءِ سٺي شهرت لازمي آهي

سپريم ڪورٽ آف پاڪستان هڪ اهم فيصلي ۾ قرار ڏنو آهي ته جج جي حيثيت صرف قانوني قابليت سان نه، پر عوامي اعتماد ۽ بي داغ شهرت سان پڻ جڙيل آهي.

عدالت واضح ڪيو ته جيڪڏهن ڪنهن جج خلاف رشوت جو مخصوص الزام ثابت نه به ٿئي، پر سندس شهرت ۽ ساک اهڙي حد تائين متاثر ٿي وڃي جو عوام جو اعتماد ختم ٿي وڃي، ته اهڙي شخص جو عدالتي عهدي تي برقرار رهڻ ادارتي مفاد جي خلاف آهي.

فيصلي ۾ چيو ويو ته:
✅ عدليه جي طاقت عوامي اعتماد مان جنم وٺي ٿي.
✅ جج لاءِ معيار صرف "بي قصور" هجڻ نه، پر "هر قسم جي شڪ کان مٿانهون" هجڻ آهي.
✅ عدالتي نظام ۾ صرف انصاف ٿيڻ نه، پر انصاف ٿيندو نظر اچڻ به ضروري آهي.
✅ خراب شهرت رکندڙ جج کي جبري رٽائرمينٽ ڏيڻ بدران سروس مان هٽائڻ وڌيڪ مناسب سزا آهي، ڇو ته عدليه جي وقار ۽ عوامي اعتماد جو تحفظ سڀ کان اهم آهي.

هي فيصلو عدالتي اخلاقيات، ادارتي ساک ۽ قانون جي حڪمراني بابت اهم اصولن کي اجاگر ڪري ٿو ۽ ياد ڏياري ٿو ته عدالتي عهدا هڪ امانت آهن، جن لاءِ اعليٰ ڪردار ۽ بي داغ شهرت لازمي آهي.

Adv Zohaib Jamali
0335 3879854


📢 غيرقانوني قبضي واري ڪيسن ۾ دير برداشت نه ٿيندي – سپريم ڪورٽ جو اهم فيصلوسپريم ڪورٽ آف پاڪستان واضح ڪيو آهي ته Illegal ...
19/06/2026

📢 غيرقانوني قبضي واري ڪيسن ۾ دير برداشت نه ٿيندي – سپريم ڪورٽ جو اهم فيصلو

سپريم ڪورٽ آف پاڪستان واضح ڪيو آهي ته Illegal Dispossession Act, 2005 تحت داخل ٿيل ڪيسن جو مقصد ماڻهن کي سندن ملڪيت تي غيرقانوني قبضي کان جلدي تحفظ فراهم ڪرڻ آهي، تنهن ڪري اهڙن ڪيسن کي غيرضروري دير جو شڪار نٿو بڻائي سگهجي.

عدالت نوٽ ڪيو ته هڪ شڪايت جيڪا 2016ع ۾ داخل ٿي هئي، اها ڏهن سالن کان وڌيڪ عرصو گذرڻ باوجود فيصلو نه ٿي سگهي، جڏهن ته قانون موجب اهڙا ڪيس 60 ڏينهن اندر نبيريا وڃڻ گهرجن.

سپريم ڪورٽ اهم هدايتون جاري ڪندي چيو ته:
✅ ٽرائل ڪورٽون ڪيسن جي روزاني بنياد تي ٻڌڻي ڪن.
✅ غيرضروري ملتويون نه ڏنيون وڃن.
✅ جيڪڏهن 60 ڏينهن کان وڌيڪ دير ٿئي ته ان جا واضح ۽ ڪافي سبب رڪارڊ تي آندا وڃن.
✅ صرف اعليٰ عدالت ۾ عبوري حڪم کي چئلينج ڪرڻ سبب ٽرائل روڪي نه سگهجي، جيستائين ڪا باقاعده روڪ واري حڪم (Stay Order) موجود نه هجي.

Adv Zohaib Jamali
0335 3879854

⚖️ سپريم ڪورٽ جو اهم فيصلو: پينشن حق آهي، احسان نه!سپريم ڪورٽ آف پاڪستان پنهنجي تازي فيصلي (PLJ 2026 SC 195) ۾ قرار ڏنو ...
15/06/2026

⚖️ سپريم ڪورٽ جو اهم فيصلو: پينشن حق آهي، احسان نه!

سپريم ڪورٽ آف پاڪستان پنهنجي تازي فيصلي (PLJ 2026 SC 195) ۾ قرار ڏنو آهي ته جيڪڏهن ڪو سرڪاري ملازم پينشن لاءِ گهربل سروس مڪمل ڪري چڪو هجي، ته صرف استعيفيٰ ڏيڻ يا دير سان پينشن جي دعويٰ ڪرڻ جي بنياد تي کيس پينشن کان محروم نٿو ڪري سگهجي.

عدالت واضح ڪيو ته پينشن ملازم جو حاصل ڪيل قانوني ۽ آئيني حق آهي، نه ڪي حڪومت جي سخاوت يا مهرباني. ملازم پنهنجي ڊگهي، ايماندار ۽ بي داغ خدمتن ذريعي اهو حق حاصل ڪري ٿو.

🔹 پينشن جي دعويٰ ۾ دير ٿيڻ سان حق ختم نٿو ٿئي.
🔹 CSR جي ريگيوليشن 418 کي پينشن رد ڪرڻ لاءِ آزاد بنياد طور استعمال نٿو ڪري سگهجي.
🔹 جيڪڏهن ملازم گهربل Qualifying Service مڪمل ڪري چڪو هجي ته هو پينشن جو حقدار رهندو.
🔹 فني اعتراضن کي بنيادي حقن جي راهه ۾ رڪاوٽ نه بڻائڻ گهرجي.

هي فيصلو هزارين سرڪاري ملازمن لاءِ اهميت رکي ٿو، خاص طور تي انهن لاءِ جن جي پينشن جون درخواستون دير يا استعيفيٰ جي بنياد تي رد ڪيون ويون آهن.

ڪيس: Muhammad Usman v. Federation of Pakistan
حوالو: PLJ 2026 SC 195

Adv Zohaib Jamali
0335 3879854

، وفاقی آئینی عدالت ، سپریم کورٹ اور ہائیکورٹس کے ججز اب کسی سوشل ، ثقافتی ، سیاسی یا سفارتی تقریب میں جانے سے قبل اپنے ...
13/06/2026

، وفاقی آئینی عدالت ، سپریم کورٹ اور ہائیکورٹس کے ججز اب کسی سوشل ، ثقافتی ، سیاسی یا سفارتی تقریب میں جانے سے قبل اپنے اپنے چیف جسٹس سے اجازت لیں گے پھر ہی کا سکیں گے ، سپریم جوڈیشل کونسل نے نیا کوڈ آف کنڈکٹ جاری کر دیا

12/06/2026

⚖️ سپريم ڪورٽ جو اهم فيصلو: عارضي نوڪري جو عرصو به پينشن لاءِ ڳڻپ ۾ اچي سگهي ٿو



جيڪڏهن عارضي ملازم کي مستقل ڪيو وڃي ته ڇا سندس اها سروس پينشن لاءِ شامل ڪئي ويندي؟

⚖️ سپريم ڪورٽ جو اهم فيصلو: عارضي نوڪري جو عرصو به پينشن لاءِ ڳڻپ ۾ اچي سگهي ٿوسپريم ڪورٽ پاڪستان (C.P.L.A No.1380 of 20...
12/06/2026

⚖️ سپريم ڪورٽ جو اهم فيصلو: عارضي نوڪري جو عرصو به پينشن لاءِ ڳڻپ ۾ اچي سگهي ٿو

سپريم ڪورٽ پاڪستان (C.P.L.A No.1380 of 2025) ۾ اهم فيصلو ڏيندي قرار ڏنو آهي ته جيڪڏهن ڪو ملازم سالن تائين بنا وقفي هڪ مستقل نوعيت واري پوسٽ تي خدمتون سرانجام ڏيندو رهي ۽ بعد ۾ سندس نوڪري ريگيولر ڪئي وڃي، ته اهڙي صورت ۾ سندس اڳوڻي سروس کي پينشن جي مقصد لاءِ نظرانداز نٿو ڪري سگهجي.

هن ڪيس ۾ هڪ خاتون ملازم 1986ع کان مسلسل خدمتون سرانجام ڏيندي رهي، 2011ع ۾ ريگيولر ٿي ۽ 2020ع ۾ رٽائر ٿي. کاتي سندس ٺيڪي واري عرصي کي پينشن لاءِ تسليم ڪرڻ کان انڪار ڪيو، پر سپريم ڪورٽ CSR 371-A جي روشني ۾ کيس رليف فراهم ڪيو.

📌 عدالت جا اهم مشاهدا:
✅ پينشن ڪو احسان يا خيرات نه آهي، بلڪه ملازم جو قانوني حق آهي.
✅ مستقل نوعيت جي پوسٽن تي لامحدود عرصي تائين ٺيڪي تي ملازم رکڻ استحصال جي برابر آهي.
✅ آئين جي آرٽيڪل 3 تحت رياست تي استحصال جي خاتمي جي ذميواري عائد ٿئي ٿي.
✅ ٺيڪي واري ملازمت صرف عارضي ضرورتن لاءِ هجڻ گهرجي، نه ڪي مستقل نوڪرين جي جاءِ وٺڻ لاءِ.

هي فيصلو سروس لا جي شعبي ۾ هڪ اهم اڳڀرائي آهي ۽ انهن سرڪاري ملازمن لاءِ اميد جي ڪرن آهي، جن پنهنجي زندگي جا بهترين سال عوامي خدمت لاءِ وقف ڪيا آهن.

Adv Zohaib Jamali
0335 3879854


10/06/2026

جيڪڏهن ڪنهن 2 سالن اندر فوتی ڪوٽا تي مقرري لاءِ درخواست داخل نه ڪئي آهي، ته هو ڇا ڪندو؟

📢 اہم قانونی فیصلہ | سپریم کورٹ آف پاکستان⚖️ ایک ہی معاملے پر مختلف فورمز سے بار بار رجوع نہیں کیا جا سکتاسپریم کورٹ آف ...
10/06/2026

📢 اہم قانونی فیصلہ | سپریم کورٹ آف پاکستان

⚖️ ایک ہی معاملے پر مختلف فورمز سے بار بار رجوع نہیں کیا جا سکتا

سپریم کورٹ آف پاکستان نے اپنے حالیہ فیصلے Civil Appeal No. 1495 of 2017 میں قرار دیا ہے کہ اگر کوئی فریق کسی تنازعے کے حل کے لیے ایک مجاز فورم کا انتخاب کر کے وہاں تمام قانونی مراحل طے کر چکا ہو، تو وہ محض ناموافق فیصلے کی وجہ سے اسی معاملے پر کسی دوسرے فورم سے دوبارہ ریلیف حاصل نہیں کر سکتا۔

عدالتِ عظمیٰ نے واضح کیا کہ:
✅ اگر پہلے فورم کے پاس دائرہ اختیار موجود تھا؛
✅ اور کارروائی میں بدنیتی (Mala Fide) یا قانونی اختیار سے تجاوز ثابت نہ ہو؛

تو بعد میں سول عدالت سے اسی نوعیت کی دوبارہ داد رسی طلب کرنا "Second Bite at the Cherry" کے مترادف ہوگا، جس کی قانون اجازت نہیں دیتا۔

یہ فیصلہ Doctrine of Election کے اصول کو مضبوط بناتا ہے، جس کے تحت فریق ایک مرتبہ جس قانونی فورم کا انتخاب کر لے، اس انتخاب کے قانونی نتائج کو قبول کرنے کا پابند ہوتا ہے۔

Adv Zohaib Jamali
0335 3879854

تیزاب گردی کے خلاف سپریم کورٹ کا تاریخی فیصلہسپریم کورٹ آف پاکستان نے Criminal Petition No. 1718/2022 میں ایک اہم فیصلہ ...
09/06/2026

تیزاب گردی کے خلاف سپریم کورٹ کا تاریخی فیصلہ

سپریم کورٹ آف پاکستان نے Criminal Petition No. 1718/2022 میں ایک اہم فیصلہ سناتے ہوئے قرار دیا ہے کہ تیزاب پھینکنے کا جرم قتل سے بھی زیادہ سنگین نوعیت کا ہو سکتا ہے، کیونکہ قتل میں زندگی ختم ہو جاتی ہے جبکہ تیزاب گردی کا شکار شخص زندگی بھر جسمانی، ذہنی اور سماجی اذیت میں مبتلا رہتا ہے۔

عدالتِ عظمیٰ نے مجرم کی عمر کم ہونے (Juvenility) کی بنیاد پر سزا میں نرمی دینے سے انکار کرتے ہوئے عمر قید کی سزا برقرار رکھی۔

اس فیصلے کے چند اہم نکات:
⚖️ تیزاب گردی کے مجرمین کے ساتھ قانون کے مطابق سختی سے نمٹا جائے گا۔

⚖️ متاثرین کی بحالی، علاج، نفسیاتی معاونت اور معاشی تحفظ کو ریاست کی ذمہ داری قرار دیا گیا۔

⚖️ مستقل جسمانی معذوری کا شکار ہونے والے تیزاب حملہ متاثرین کو معذور افراد کے حقوق اور سہولیات فراہم کرنے کی سفارش کی گئی۔

⚖️ عدالت نے دفعہ 544-A ضابطہ فوجداری کے تحت متاثرہ خاتون کو 10 لاکھ روپے بطور معاوضہ ادا کرنے کا حکم بھی دیا۔

⚖️ وفاقی اور صوبائی حکومتوں کو تیزاب کی فروخت پر مؤثر نگرانی، ڈیجیٹل نظام کے نفاذ اور Acid Survivors Rehabilitation Fund کے قیام کی سفارش کی گئی۔

یہ فیصلہ اس بات کی یاد دہانی ہے کہ انصاف صرف مجرم کو سزا دینے کا نام نہیں بلکہ متاثرہ فرد کی بحالی اور معاشرے کے تحفظ کو یقینی بنانا بھی ہے۔

"تیزاب گردی صرف جسم کو نہیں، بلکہ انسان کی شناخت، خود اعتمادی اور زندگی کے معیار کو بھی جھلسا دیتی ہے۔"

Adv Zohaib Jamali
0335 3879854

Address

Hyderabad

Alerts

Be the first to know and let us send you an email when ZJ Legal posts news and promotions. Your email address will not be used for any other purpose, and you can unsubscribe at any time.

Share