10/08/2026
وڪالت مسلسل جدوجهد جو نالو آهي.
هي رڳو قانون جا ڪتاب پڙهڻ، عدالت ۾ دليل ڏيڻ يا فيصلا حاصل ڪرڻ جو فن ناهي؛ هي حق جي راهه تي هلڻ، صبر سان انتظار ڪرڻ ۽ هر موڙ تي پنهنجي همت کي آزمائڻ جو نالو آهي. وڪيل جي سفر ۾ ڪڏهن فتح جا گل ملن ٿا ته ڪڏهن شڪست جا ڪنڊا، پر سچو وڪيل نه گلن تي مغرور ٿئي ٿو، نه ڪنڊن کان ڊڄي ٿو. هو هر صبح نئين اميد سان قانون جي ڪتابن جا ورق کوليندو آهي، هر ڪيس ۾ حقيقت جي تلاش ڪندو آهي ۽ هر عدالت ۾ انصاف جي آواز کي بلند ڪرڻ لاءِ بيهندو آهي. ڪڏهن دليل قبول ٿين ٿا، ڪڏهن وقت خاموش رهندو آهي، پر جدوجهد ڪڏهن خاموش نه ٿيندي آهي. ڇو ته وڪالت صرف ڪيس وڙهڻ جو نالو ناهي؛ وڪالت انهن ماڻهن جي اميد بڻجڻ جو نالو آهي، جيڪي پنهنجو حق حاصل ڪرڻ لاءِ پنهنجو آواز اسان جي حوالي ڪن ٿا. ۽ شايد وڪيل جي اصل ڪاميابي هر ڪيس کٽڻ ۾ نه، پر هر ڪيس کي ايمانداري، علم، همت ۽ آخري حد تائين جدوجهد سان وڙهڻ ۾ آهي.
شمس الدين جوڻيجو
ايڊووڪيٽ ھاء ڪورٽ