16/08/2026
پريس رليز
ينگ لائرز موومينٽ (YLM) جو اهم اجلاس، نوجوان وڪيلن جي مسئلن ۽ ايندڙ بار چونڊن بابت اهم فيصلا
اڄ 16/08/2026 تي ينگ لائرز موومينٽ (YLM) جو اهم اجلاس منعقد ٿيو، جنهن ۾ YLM جي سينٽرل باڊي جي معزز ميمبرن سان گڏ ضلعي ڄامشورو ٽيم جي عهديدارن ۽ ميمبرن پڻ شرڪت ڪئي.
اجلاس ۾ چيئرمين ايڊووڪيٽ طارق حسين کوسو، ڪو-فائونڊر ايڊووڪيٽ طارق اظهار، ڪو-فائونڊر ۽ وائيس پريزيڊنٽ ايڊووڪيٽ گلاب سنگهه، ۽ سينيئر وائيس پريزيڊنٽ ايڊووڪيٽ زين العابدين، جنرل سيڪريٽري ايڊووڪيٽ وقاص مستوئي، انفارميشن سيڪريٽري ايڊووڪيٽ سڪندر علي، سوشل ميڊيا سيڪريٽري ايڊووڪيٽ سائره رياض ۽ YLM جا ٻيا معزز ميمبر پڻ موجود هئا.
اجلاس جي موقعي تي ضلعي ڄامشورو جي صدر ايڊووڪيٽ فراز خاصخيلي ۽ جنرل سيڪريٽري ايڊووڪيٽ سجاد اعوان کي YLM ۾ شموليت ۽ ذميواريون سنڀالڻ تي ڀرپور آجيان ۽ ڀليڪار ڪيو ويو.
اجلاس دوران نوجوان وڪيلن کي درپيش مختلف مسئلن، پيشوراڻي معاملن ۽ قانوني برادري جي بهتري بابت تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.
ان سان گڏ 20 آگسٽ تي ٿيندڙ ضلعي بار چونڊن بابت پڻ اهم معاملن تي غور ويچار ڪيو ويو.
اجلاس ۾ متفقه طور تي فيصلو ڪيو ويو ته YLM پاران جلد ٻن ڏينهن تي ٻڌل هڪ اهم قانوني ۽ پيشوراڻو ورڪشاپ منعقد ڪيو ويندو، جنهن جو مقصد نوجوان وڪيلن جي قانوني ڄاڻ، عملي مهارتن ۽ پيشوراڻي صلاحيتن کي وڌيڪ بهتر بڻائڻ هوندو. ورڪشاپ جي تاريخ، هنڌ ۽ مڪمل تفصيل بابت باضابطه اعلان جلد ڪيو ويندو.
اجلاس ۾ ان عزم جو پڻ اظهار ڪيو ويو ته ينگ لائرز موومينٽ (YLM) جو نيٽ ورڪ سنڌ جي سمورن ضلعن تائين وڌيڪ مضبوط ۽ منظم ڪيو ويندو، جيئن هر ضلعي ۾ نوجوان وڪيلن کي بهتر نمائندگي، رهنمائي ۽ سندن جائز حقن لاءِ مؤثر پليٽ فارم فراهم ڪري سگهجي.
ينگ لائرز موومينٽ (YLM) نوجوان وڪيلن جي ڀلائي، ترقي، اتحاد، پيشوراڻي بهتري ۽ قانوني حقن جي تحفظ لاءِ پنهنجي جدوجهد جاري رکندي.
اتحاد • ايمانداري • انصاف ( YLM ) نوجوان وڪيلن جي مضبوط آواز لاءِ متحد✊