Young Lawyers Movement - YLM

Directions

Young Lawyers Movement - YLM Young Lawyers Movement, Uniting young lawyers for leadership, professional excellence, and justice.

19/09/2026

ينگ لائرز موومينٽ (YLM) جي سينٽرل باڊي ۽ ضلعي ڄامشورو ٽيم جو اهم اجلاس.

ینگ لائرز موومنٹ (YLM) ایڈووکیٹ ایمان مزاری حذر اور ایڈووکیٹ ہادی علی چٹھہ کی دوبارہ گرفتاری پر شدید تشویش اور مذمت کا ا...
19/09/2026

ینگ لائرز موومنٹ (YLM) ایڈووکیٹ ایمان مزاری حذر اور ایڈووکیٹ ہادی علی چٹھہ کی دوبارہ گرفتاری پر شدید تشویش اور مذمت کا اظہار کرتی ہے۔

سپریم کورٹ سے ضمانت ملنے کے فوراً بعد دوبارہ گرفتاری اور ایک دوسرے مقدمے میں پیش کیے جانے کے معاملے پر سنجیدہ قانونی سوالات پیدا ہوتے ہیں۔ ایسے تمام معاملات میں عدالتی احکامات، آئین اور قانون کی مکمل پاسداری کو یقینی بنایا جانا ضروری ہے۔

YLM کا واضح مؤقف ہے کہ قانون کی حکمرانی، بنیادی حقوق، شخصی آزادی، منصفانہ قانونی کارروائی اور وکلاء کی پیشہ ورانہ آزادی ہر صورت میں محفوظ رہنی چاہیے۔

ینگ لائرز موومنٹ متعلقہ حکام سے مطالبہ کرتی ہے کہ تمام کارروائیاں شفاف، منصفانہ اور قانون کے مطابق کی جائیں اور اعلیٰ عدالتوں کے احکامات پر ان کی روح کے مطابق عمل درآمد یقینی بنایا جائے.

سنڌ هاءِ ڪورٽ ڪراچي ۾ YLM جي ساٿين سان خوشگوار ملاقات.سنڌ هاءِ ڪورٽ ڪراچي ۾ Young Lawyers Movement (YLM) جي ساٿين ۽ سان ...
31/08/2026

سنڌ هاءِ ڪورٽ ڪراچي ۾ YLM جي ساٿين سان خوشگوار ملاقات.

سنڌ هاءِ ڪورٽ ڪراچي ۾ Young Lawyers Movement (YLM) جي ساٿين ۽ سان هڪ نهايت ئي خوشگوار ۽ فڪري ملاقات ٿي، جنهن دوران نوجوان وڪيلن جي موجوده صورتحال، مستقبل جي حڪمتِ عملي ۽ سندن بهتر نمائندگي بابت اهم خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.

نوجوان وڪيلن کي اڳتي آڻڻ، سندن حقن لاءِ آواز بلند ڪرڻ ۽ کين قانوني برادري ۾ باوقار مقام ڏيارڻ اسان جي اهم ترين ترجيحن مان آهي.

Team YLM Strongly Condemned .
31/08/2026

Team YLM Strongly Condemned .

Today, Adv. Waqas Mastoi, Central General Secretary of the Young Lawyers Movement (YLM), held a productive meeting with ...
30/08/2026

Today, Adv. Waqas Mastoi, Central General Secretary of the Young Lawyers Movement (YLM), held a productive meeting with Assistant Commissioner Ms. Rida Talpur regarding various important issues faced by law students and young lawyers.

During the meeting, important concerns were raised regarding the Kacheri (courts) and the difficulties faced by law students, particularly the issue of delays in examinations of private law colleges. The need for timely examinations and better academic support for law students was also discussed.

Adv. Waqas Mastoi further highlighted the importance of providing proper guidance and support to law students in the field of law, especially for competitive examinations and future professional opportunities.

Assistant Commissioner Ms. Rida Talpur assured her full cooperation and support within her capacity. She expressed her willingness to facilitate law students, cooperate on their genuine concerns, and provide guidance and possible assistance regarding their competitive examinations and professional development.

The Young Lawyers Movement (YLM) highly appreciates this positive and encouraging response. YLM remains committed to raising the genuine issues of law students and young lawyers and will continue to work for their educational, professional, and legal development.

Young Lawyers Movement — Standing for the rights, education, opportunities, and professional growth of law students and young lawyers. ⚖️🌹

29/08/2026
29/08/2026

Benefit of doubt could even be extended at bail stage.
2026 SCMR 1076
2024 SCMR 205
2023 SCMR 1140
2023 SCMR 364
2022 SCMR 1555
2022 SCMR 1271
2022 SCMR 624
2020 SCMR 971
2017 SCMR 538

سنڌ جي وحدت، امن ۽ سڃاڻپ جي تحفظ لاءِ نوجوان وڪيلن جو ڀرپور آواز! اڄ Young Lawyers Movement (YLM) جي جنرل سيڪريٽري ايڊوو...
22/08/2026

سنڌ جي وحدت، امن ۽ سڃاڻپ جي تحفظ لاءِ نوجوان وڪيلن جو ڀرپور آواز!

اڄ Young Lawyers Movement (YLM) جي جنرل سيڪريٽري ايڊووڪيٽ وقاص مستوئي سنڌ ايڪشن ڪميٽي پاران سنڌ ۾ نون صوبن جي قيام خلاف ڪڍيل احتجاجي ريلي ۾ ڀرپور شرڪت ڪري سنڌ جي وحدت سان پنهنجي وابستگي جو اظهار ڪيو.

ان موقعي تي YLM جا سرگرم ساٿي ڪامل کوسو ۽ عبدالقادر ڀٽو پڻ جنرل سيڪريٽري ايڊووڪيٽ وقاص مستوئي سان گڏ ريلي ۾ شريڪ رهيا.

Young Lawyers Movement
جو واضح موقف آهي ته سنڌ جي وحدت، وسيلن، حقن ۽ آئيني سڃاڻپ سان لاڳاپيل هر معاملي تي نوجوان وڪيل پنهنجو آئيني ۽ قانوني ڪردار ادا ڪندا. YLM صرف وڪيلن جي مسئلن تائين محدود نه رهندي، پر سنڌ سان لاڳاپيل هر اهم مسئلي تي قانون، دليل ۽ پرامن جمهوري جدوجهد ذريعي پنهنجو آواز بلند ڪندي.

اسان جو عزم آهي ته جتي به سنڌ، قانون، انصاف، نوجوان وڪيلن يا عوام جي حقن جو سوال هوندو، اتي Young Lawyers Movement پنهنجو ڪردار ادا ڪندي ۽ هر جائز آواز سان گڏ بيٺل نظر ايندي.

سنڌ جي حقن لاءِ آواز، قانون جي بالادستي لاءِ جدوجهد، ۽ نوجوان وڪيلن جي مضبوط نمائندگي — YLM جو عزم! ✊⚖️🌹

مذمتي بيانشهدادڪوٽ جي گولوواھ ڀرسان ڳوٺ ساولو کوسو ۾ YLM جي باني چيئرمين ايڊووڪيٽ طارق حسين کوسو جي ڀاڻيجو، محبت علي کوس...
22/08/2026

مذمتي بيان

شهدادڪوٽ جي گولوواھ ڀرسان ڳوٺ ساولو کوسو ۾ YLM جي باني چيئرمين ايڊووڪيٽ طارق حسين کوسو جي ڀاڻيجو، محبت علي کوسو جي گهر تي مبينا حملي ۽ چار ڄڻن جي زخمي ٿيڻ واري واقعي جي Young Lawyers Movement (YLM) سخت لفظن ۾ مذمت ڪري ٿي.

محبت علي کوسو جي حالت ڳڻتي جوڳي هجڻ ۽ ICU ۾ علاج هيٺ هجڻ تي YLM پاران گهري ڳڻتي جو اظهار ڪيو وڃي ٿو.

اسان FIR No. 69/2026، PS Bhiram جي شفاف ۽ غيرجانبدار جاچ، نامزد جوابدارن خلاف قانون موجب ڪارروائي ۽ متاثر خاندان کي مڪمل تحفظ فراهم ڪرڻ جو مطالبو ڪريون ٿا.

پريس رليزينگ لائرز موومينٽ (YLM) جو ڄامشورو ۾ اهم اجلاس، نوجوان وڪيلن جي مسئلن ۽ تنظيم جي مستقبل بابت اهم مشاورتڄامشورو،...
22/08/2026

پريس رليز

ينگ لائرز موومينٽ (YLM) جو ڄامشورو ۾ اهم اجلاس، نوجوان وڪيلن جي مسئلن ۽ تنظيم جي مستقبل بابت اهم مشاورت

ڄامشورو، 22 آگسٽ 2026ع:
ينگ لائرز موومينٽ (YLM) جي سينٽرل باڊي ۽ ضلعي ڄامشورو باڊي جي وچ ۾ اڄ هڪ اهم اجلاس منعقد ٿيو، جنهن ۾ سينٽرل باڊي جي عهديدارن، ضلعي ڄامشورو جي عهديدارن ۽ ميمبرن سان گڏ ڄامشورو سان تعلق رکندڙ ڪيترن ئي سينئر وڪيلن پڻ شرڪت ڪئي.

اجلاس دوران نئين ضلعي باڊي جي عهديدارن جو تعارف ڪرايو ويو ۽ سينٽرل باڊي جي ميمبرن کي ڄامشورو اچڻ تي ڀليڪار ڪيو ويو. ان موقعي تي نوجوان وڪيلن جي مسئلن، تنظيمي معاملن، بار ۾ نوجوان وڪيلن جي ڪردار ۽ YLM جي مستقبل جي سرگرمين بابت تفصيلي ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي.

اجلاس ۾ YLM جي چيئرمين ايڊووڪيٽ طارق حسين کوسو، ڪو-فائونڊر ايڊووڪيٽ طارق اظهار، سينٽرل صدر ايڊووڪيٽ صباحت لغاري، جنرل سيڪريٽري ايڊووڪيٽ وقاص مستوئي، سوشل ميڊيا سيڪريٽري سينٽرل باڊي ايڊووڪيٽ سائره رياض ۽ YLM ڪراچي باڊي جي صدر ايڊووڪيٽ بسما ميمڻ سميت ٻين ميمبرن شرڪت ڪئي.

ضلعي ڄامشورو جي باڊي ۾:

صدر: ايڊووڪيٽ فراز خاصخيلي
نائب صدر: ايڊووڪيٽ عادل ٻگهيو
جنرل سيڪريٽري: ايڊووڪيٽ سجاد اعوان
جوائنٽ سيڪريٽري: ايڊووڪيٽ جميل احمد ڪچيليو
خزانچي: ايڊووڪيٽ مدثر علي منگي
سوشل ميڊيا سيڪريٽري: ايڊووڪيٽ ذاڪر سامو
انفارميشن سيڪريٽري: ايڊووڪيٽ دانيال باببر

شامل آهن.

اجلاس ۾ ضلعي ڄامشورو جي سموري ٽيم پاران سينٽرل باڊي جي عهديدارن کي ڀليڪار ڪيو ويو، جڏهن ته ڄامشورو جي ٻين وڪيلن پڻ اجلاس ۾ شرڪت ڪري YLM سان گڏجي ڪم ڪرڻ لاءِ پنهنجي دلچسپي جو اظهار ڪيو.

چيئرمين ايڊووڪيٽ طارق حسين کوسو چيو ته YLM جو مقصد نوجوان وڪيلن کي هڪ پليٽ فارم تي گڏ ڪرڻ ۽ سندن مسئلن لاءِ گڏيل آواز پيدا ڪرڻ آهي. هن چيو ته نوجوان وڪيلن کي اڳتي اچڻ جا موقعا ڏيڻ سان گڏ سندن قانوني ۽ پيشوراڻي صلاحيتن ۾ بهتري لاءِ پڻ ڪم ڪيو ويندو.

هن ضلعي ڄامشورو جي نئين ٽيم کي مبارڪباد ڏيندي اميد ظاهر ڪئي ته باڊي نوجوان وڪيلن سان رابطا وڌائي تنظيم کي وڌيڪ مضبوط ڪن.

سينٽرل صدر ايڊووڪيٽ صباحت لغاري چيو ته YLM کي مضبوط بڻائڻ لاءِ ضروري آهي ته ضلعي سطح تي وڪيلن سان مسلسل رابطو رکيو وڃي. هن چيو ته نوجوان وڪيلن جا مسئلا صرف ڳالهين تائين محدود نه رهڻ گهرجن، پر انهن لاءِ عملي طور تي به ڪم ڪرڻ جي ضرورت آهي.

هن ڄامشورو باڊي کي ڀليڪار ڪندي چيو ته سينٽرل باڊي ضلعي ٽيم سان هر ممڪن سهڪار جاري رکندي.

جنرل سيڪريٽري ايڊووڪيٽ وقاص مستوئي چيو ته YLM جو دائرو هاڻي وڌيڪ ضلعن ۽ بارن تائين وڌايو پيو وڃي. هن چيو ته تنظيم جي ايندڙ مرحلي ۾ نوجوان وڪيلن لاءِ قانوني تربيت ۽ عملي مهارتن بابت پروگرام رکيا ويندا، جيئن نون وڪيلن کي عدالتن ۾ ڪم ڪرڻ دوران وڌيڪ فائدو حاصل ٿي سگهي.

ضلعي صدر ايڊووڪيٽ فراز خاصخيلي سينٽرل باڊي جا ٿورا مڃيندي چيو ته ڄامشورو جا نوجوان وڪيل YLM سان گڏجي ڪم ڪرڻ لاءِ تيار آهن. هن چيو ته ضلعي باڊي جي ڪوشش هوندي ته نوجوان وڪيلن کي هڪ ٻئي سان ڳنڍيو وڃي ۽ سندن مسئلا مناسب فورم تائين پهچايا وڃن.

هن چيو ته ڄامشورو باڊي YLM جي تنظيم کي مضبوط ڪرڻ لاءِ سينٽرل قيادت سان گڏجي ڪم ڪندي.

جنرل سيڪريٽري ايڊووڪيٽ سجاد اعوان چيو ته ڄامشورو ۾ ڪيترائي نوجوان وڪيل YLM سان رابطو ڪري رهيا آهن، جيڪو تنظيم لاءِ سٺي ڳالهه آهي. هن چيو ته ضلعي باڊي نوجوان وڪيلن سان مسلسل ملاقاتون ڪندي ۽ سندن تجويزن ۽ مسئلن کي گڏ ڪري اڳتي آڻيندي.

YLM ڪراچي باڊي جي صدر ايڊووڪيٽ بسما ميمڻ ضلعي ڄامشورو جي ٽيم کي مبارڪباد ڏيندي چيو ته سنڌ جي مختلف ضلعن جا نوجوان وڪيل جيڪڏهن هڪ ٻئي سان گڏجي ڪم ڪندا ته بار ۾ سندن آواز وڌيڪ مضبوط ٿيندو.

اجلاس دوران ان ڳالهه تي پڻ اتفاق ڪيو ويو ته YLM جو دائرو سنڌ تائين محدود نه رکيو ويندو، پر ملڪ جي ٻين بارن تائين پڻ تنظيم کي وڌايو ويندو.

ان سلسلي ۾ اسلام آباد ۽ لاهور بار ۾ YLM جون باڊيز قائم ڪرڻ لاءِ جلد ڪم شروع ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو. اجلاس ۾ ٻڌايو ويو ته اسلام آباد ۽ لاهور مان ڪيترائي نوجوان وڪيل اڳ ئي YLM جي قيادت سان رابطي ۾ آهن ۽ تنظيم جو حصو بڻجڻ ۾ دلچسپي رکن ٿا.

اجلاس ۾ نوجوان وڪيلن لاءِ ٻن ڏينهن تي ٻڌل قانوني ۽ پيشوراڻو ورڪشاپ ڪرائڻ جو پڻ فيصلو ڪيو ويو. ورڪشاپ ۾ قانوني ڄاڻ، عدالتي ڪم ۽ وڪالت جي عملي معاملن بابت تربيت ڏني ويندي.
ورڪشاپ جي تاريخ ۽ هنڌ جو اعلان بعد ۾ ڪيو ويندو.

اجلاس جي آخر ۾ سينٽرل ۽ ضلعي باڊي جي ميمبرن ان ڳالهه تي اتفاق ڪيو ته YLM کي وڌيڪ منظم ڪري سنڌ سميت ملڪ جي ٻين بارن تائين پهچايو ويندو ۽ نوجوان وڪيلن جي مسئلن لاءِ گڏيل طور تي ڪم جاري رکيو ويندو.

ينگ لائرز موومينٽ (YLM)
نوجوان وڪيلن جي مضبوط آواز لاءِ متحد ✊

Address

Hyderabad Sindh
Telangana

Website

Alerts

Be the first to know and let us send you an email when Young Lawyers Movement - YLM posts news and promotions. Your email address will not be used for any other purpose, and you can unsubscribe at any time.

Shortcuts

Share