23/06/2026
*مذمتي بيان - آل سنڌ اسٽوڊنٽس ايسوسيئيشن*
ايڊوڪيٽ گلاب ريٻاري صاحب کي هڪ بدمست وڏيري پاران ملندڙ ڌمڪين جي اسين سخت لفظن ۾ مذمت ٿا ڪريون.
اڄ کان اڳ به هن وڏيري غريب عوام کي کنڀي، ڪنهن اڻڄاتل هنڌ تي گم ڪري، طاقت جي زور تي ايڊوڪيٽ گلاب ريٻاري کي ڊيڄاري پنهنجا غير قانوني مطالبا مڃرائڻ جي ڪوشش ڪئي آهي، جيڪو انساني ۽ قانوني ٻنهي لحاظ کان هڪ ناقابلِ برداشت عمل آهي.
ايڊوڪيٽ گلاب ريٻاري کي مليل ڌمڪين بعد آل سنڌ اسٽوڊنٽس ايسوسيئيشن جي سينٽرل ڪيبنٽ جي فيصلي تي ضلعي بدين جي جنرل سيڪريٽري عمير خاصخيلي گلاب ريٻاري سان رابطو ڪري کيس يقين ڏياريو ته آل سنڌ اسٽوڊنٽس ايسوسيئيشن پنهنجي شاگردن ۽ تنظيم جي عزت ۽ تحفظ ڪرڻ خوب ڄاڻي ٿي.
اسان واضح ٿا ڪريون ته آل سنڌ اسٽوڊنٽس ايسوسيئيشن جا سمورا ضلعا ۽ مرڪزي ڪابينا هر محاذ تي ايڊوڪيٽ گلاب ريٻاري سان گڏ آهن. شاگرد اسان جا ڀائر آهن ۽ انهن کي قانوني مدد مفت فراهه ڪرڻ لاءِ اسان هر وقت تيار آهيون.
اسان ان بدمست وڏيري کي خبردار ٿا ڪريون ته هو غير قانوني حرڪتن کان هٿ کڻي ۽ ڏنل ڌمڪين تي فوري معافي گهري. ٻي صورت ۾ مذمت کان پوءِ مزاحمت جو رستو اختيار ڪرڻ اسان جو آئيني ۽ اخلاقي حق آهي.
*آل سنڌ اسٽوڊنٽس ايسوسئيشن*