Nazir Abbas Law Associate &Co.Legal ConsultantS

Nazir Abbas  Law Associate &Co.Legal ConsultantS Advocate High Courts

19/08/2026

❓ کیا محض دھمکی دینے سے جرمِ دھمکی آمیز خوف (Criminal Intimidation - Section 506 APC/PPC) کے اجزاء مکمل ہو جاتے ہیں؟

​❓ کیا ضابطہ فوجداری کی دفعہ 249-A (Section 249-A Cr.P.C) کے تحت فردِ جرم عائد ہونے سے پہلے ہی ملزم کو بری (Acquit) کیا جا سکتا ہے؟

​❓ کیا اسپیشل لیو ٹو اپیل (Special Leave to Appeal) کو ابتدائی سماعت پر ہی (At Inception) خارج کیا جا سکتا ہے؟

​📌 One-Line Citation Description
دفعہ 506 تحت جرم قائم ہونے کے لیے محض دھمکی کافی نہیں بلکہ غیر قانونی کام پر مجبور کرنا یا قانونی کام سے روکنا لازمی ہے؛ جرم ثابت نہ ہونے کی صورت میں 249-A Cr.P.C کے تحت بلاوجہ فردِ جرم عائد کیے بغیر برائیت عین قانونی ہے۔
​⚖️ 2026 P Cr. LJ 1109
[High Court (AJ&K)]
​👥 Iftikhar Hussain Versus Pervaiz Khan and another

​Bench: Mr. Justice Chaudhary Khalid Rasheed
​📘 Definitions of Legal Concepts

​⛔️ Ingredients of Criminal Intimidation (دفعہ 506 APC/PPC کے اجزاء): آزاد پینل کوڈ/پاکستان پینل کوڈ کی دفعہ 503 اور 506 کے تحت جرمِ دھمکی (Criminal Intimidation) کے لیے صرف جان سے مارنے یا نقصان پہنچانے کی دھمکی دینا ہی کافی نہیں ہے۔ اس کے ساتھ ساتھ دھمکی کے ذریعے دوسرے شخص کو کوئی غیر قانونی کام کرنے پر مجبور کرنا یا کسی قانونی کام کو کرنے سے روکنا (Compelling to commit an unlawful act or refraining from doing a lawful act) اس جرم کی بنیادی اور لازمی شرط (Sine Qua Non) ہے۔

​⛔️ Premature Acquittal under Section 249-A Cr.P.C (قبل از وقت برائیت): اگر ٹرائل کورٹ یہ دیکھے کہ الاستغاثہ (Prosecution) کی جانب سے عائد کردہ الزامات میں قانون کے بنیادی اجزاء ہی موجود نہیں ہیں اور فردِ جرم (Charge) کا عائد ہونا بے بنیاد (Groundless) ہوگا، تو عدالت کو یہ اختیار حاصل ہے کہ وہ مقدمے کی کسی بھی مرحلے پر ملزم کو دفعہ 249-A Cr.P.C کے تحت بری کر دے۔

​⛔️ Futile Exercise in Special Leave to Appeal (فضول کارروائی سے گریز): اعلیٰ عدلیہ اپیل کی اجازت (Special Leave to Appeal) دائر ہونے پر اگر دیکھے کہ لوئر کورٹ کا فیصلہ مکمل طور پر قانونی ہے اور اپیل میں کوئی قانونی وزن نہیں، تو فریقِ ثانی کو نوٹس جاری کر کے وقت ضائع کرنے کی بجائے درخواست کو ابتدائی مرحلے پر ہی (At Inception) خارج کر سکتی ہے۔

​⚖️ Definitions of Sections & Laws
​⛔️ Section 506, Azad Penal Code (APC) / Pakistan Penal Code (PPC): سنگین دھمکی یا مجرمانہ خوف پیدا کرنے کی سزا۔

​⛔️ Section 249-A, Code of Criminal Procedure (Cr.P.C), 1898: ٹرائل کورٹ کا ملزم کو مقدمے کی کسی بھی اسٹیج پر بری کرنے کا اختیارِ تمیزی۔

​⛔️ Section 417(2-A), Cr.P.C: نجی مستغیث (Private Complainant) کی جانب سے بریت کے خلاف اپیل کی اجازت (Special Leave to Appeal)۔

​Posted by Legal Luminaries

​📖 Background of the Case
مستغیث/سائل (افتخار حسین) نے مسؤل علیہ (پرویز خان) کے خلاف دھمکی دینے کی بناء پر دفعہ 506 آزاد پینل کوڈ (APC) کے تحت پرچہ درج کروایا۔
​ٹرائل کورٹ میں مقدمے کی کارروائی کے دوران ملزم نے ضابطہ فوجداری کی دفعہ (249-A Cr.P.C) کے تحت بریت کی درخواست دائر کی۔ ٹرائل کورٹ نے درخواست منظور کرتے ہوئے ملزم کو بری کر دیا۔ سائل/مستغیث نے اس بریت کے فیصلے کے خلاف آزاد جموں و کشمیر ہائی کورٹ میں اپیل کی اجازت (Special Leave to Appeal) کی درخواست دائر کی۔
​⚖️ Core Legal Questions
​❓ کیا محض نقصان کی دھمکی دینے سے 506 APC کا جرم بنتا ہے اگر ملزم پر کسی کام سے روکنے یا غیر قانونی کام کروانے کا الزام نہ ہو؟

​❓ کیا ٹرائل کورٹ کا 249-A Cr.P.C کے تحت ملزم کو چارج فریم کیے بغیر بری کرنا قانونی طور پر درست تھا؟

​🏛️ Court's Observations & Legal Principles
​✅ دفعہ 506 کی قانونی تعبیر: ہائی کورٹ نے دفعہ 503 اور 506 APC کا باریک بینی سے جائزہ لیتے ہوئے قرار دیا کہ محض جان سے مارنے یا نقصان پہنچانے کی دھمکی دینا اکیلا جرم نہیں بناتا۔ اس کے ساتھ یہ دکھانا لازمی ہے کہ اس دھمکی کے ذریعے متاثرہ شخص کو کسی قانونی کام سے روکا گیا یا غیر قانونی کام پر مجبور کیا گیا۔

​✅ الزام کی عدم موجودگی: کیس کا ریکارڈ ظاہر کرتا ہے کہ مستغیث نے اپنے استغاثے میں ملزم پر کسی ایسے جبر یا مجبور کرنے (Compelling/Refraining) کا کوئی الزام عائد نہیں کیا تھا۔

​✅ 249-A Cr.P.C کے تحت برائیت کا جواز: عدالتِ عالیہ نے قرار دیا کہ ایسی صورتِ حال میں ملزم پر فردِ جرم عائد کرنا مکمل طور پر بے بنیاد (Groundless) ہوتا۔ ٹرائل کورٹ نے اپنے اختیارات 249-A Cr.P.C کا بالکل درست اور قانون کے مطابق استعمال کیا ہے۔

​✅ اپیل کا ابتدائی مرحلے پر خاتمہ: ہائی کورٹ نے قرار دیا کہ جب لوئر کورٹ کے فیصلے میں کوئی قانونی خامی نہ ہو، تو مسؤل علیہ (ملزم) کو نوٹس جاری کر کے کارروائی کو طول دینا ایک فضول مشق (Futile Exercise) ہوگی، جس کی قانون اجازت نہیں دیتا۔

​⚖️ Final Order
آزاد جموں و کشمیر ہائی کورٹ نے ٹرائل کورٹ کا برائیت کا فیصلہ برقرار رکھتے ہوئے سائل کی اپیل کی اجازت (Special Leave to Appeal) کی درخواست ابتدائی سماعت پر ہی (At Inception) خارج کر دی۔

​📑 Ratio Decidendi
دفعہ 506 APC/PPC کے تحت جرمِ دھمکی کے لیے صرف دھمکی دینا کافی نہیں بلکہ دھمکی کے ذریعے کسی غیر قانونی کام پر مجبور کرنا یا قانونی کام سے روکنا لازمی جُزو ہے؛ اگر مستغیث کا الزام ان اجزاء کو پورا نہ کرے تو 249-A Cr.P.C کے تحت ملزم کی برائیت بالکل قانونی اور درست ہے۔

​💼 Practical Utility for Advocates
​وکلاءِ صفائی / ملزم (Counsel for Accused):
​اگر آپ کے موکل پر محض 506 PPC کا پرچہ ہو اور استغاثے میں یہ الزام نہ ہو کہ دھمکی دے کر کوئی کام کروایا یا روکا گیا، تو ٹرائل کورٹ میں فوری طور پر Section 249-A Cr.P.C کی درخواست دے کر ملزم کو بری کروائیں۔
​اس نظیر 2026 P Cr. LJ 1109 کے تحت موقف اپنائیں کہ 506 PPC کے تحت فردِ جرم (Charge) فریم کرنا ہی قانونی طور پر "Groundless" ہے۔
​وکلاءِ مستغیث / مدعی (Counsel for Complainant):
​506 PPC کی ایف آئی آر یا شکایت (Direct Complaint) لکھواتے وقت محض دھمکی کے الفاظ نہ لکھیں، بلکہ واضح تحریر کریں کہ اس دھمکی کا مقصد مدعی کو کس مخصوص قانونی کام سے روکنا یا کون سا ناخوشگوار/غیر قانونی کام کروانا تھا۔

​🎯 Quotable Legal Principle
​"For attracting the offence under Section 506 APC/PPC, a threat to cause injury or death is only one condition; the other condition of compelling the victim to commit an unlawful act or refraining from doing a lawful act is a sine qua non. Absence of such an allegation renders the charge groundless, justifying acquittal under Section 249-A Cr.P.C."

​📚 Precedents Relied Upon
​دفعہ 506 PPC/APC کے قانونی اجزاء اور 249-A Cr.P.C کے اصول:
🆚 Section 503 & 506, Azad Penal Code (APC)
🆚 Section 249-A & Section 417(2-A), Code of Criminal Procedure, 1898
🆚 2026 P Cr. LJ 1109 High Court (AJ&K)

Posted by Legal Luminaries

2026 P Cr. LJ 1109

[High Court (AJ&K)]

Before Chaudhary Khalid Rasheed, J

IFTIKHAR HUSSAIN---Applicant

versus

PERVAIZ KHAN and another---Respondents

Criminal (SPLA) No. 115 of 2025, decided on 23rd September, 2025.

Azad Penal Code (XLV of 1860)---

----S. 506---Criminal Procedure Code (V. of 1898), S. 249-A---Criminal intimidation---Acquittal of accused under S.249-A, Cr. P. C---Scope---Application of accused seeking his acquittal pursuant to S. 249-A, Cr.P.C, was allowed by the Trial Court---Validity---Bare perusal of the S.503, A.P.C. revealed that for attracting offence under S.506, A.P.C, threat to cause injury or death was only one condition, the other condition was compelling to commit an unlawful act or refraining from doing a lawful act was sine qua non, but no such allegation had been levelled against the accused person---Thus, in case of framing charge by the Trial Court it would be deemed to be groundless as mentioned in S.249-A, Cr.P.C---Hence, no anomaly or legal infirmity had been committed by the Court below rather it accurately exercised the powers conferred under S.249-A, Cr.P.C---Serving a notice to the other party by allowing special leave to appeal would be a futile exercise which was not permissible under law---Petition for special leave to appeal was dismissed at its inception. (pp. 1111, 1112] A & B

منشيات ڇا آهي؟ منشيات خلاف سنڌ ۾ نافذ قانون ۽ سزائون.          | ايڊووڪيٽ نذيرعباس شرمنشيات جو موذي مرض اسان جي نوجوان ن...
11/08/2026

منشيات ڇا آهي؟ منشيات خلاف سنڌ ۾ نافذ قانون ۽ سزائون.
| ايڊووڪيٽ نذيرعباس شر

منشيات جو موذي مرض اسان جي نوجوان نسل، خاندانن ۽ سماجي امن لاءِ ھڪ ناسور بڻجي چڪو آهي. سنڌ ۾ منشيات جي پوک، تياري، خريد و فروخت، وڪري، قبضي، ورڇ ۽ غيرقانوني منتقلي کي روڪڻ لاءِ سنڌ ۾ نشي آور شين جي روڪٿام وارو قانون (The Sindh Control of Narcotic Substances Act, 2024) لاڳو آهي.

● منشيات ڇا آهي؟
منشيات ۾ مختلف نشي آور ۽ نفسياتي اثر رکندڙ شيون (Narcotic, Psychotropic ۽ Controlled Substances) شامل آهن، جهڙوڪ:
- چرس/ڪينابس (Cannabis)
- آفيم (O***m)
- هيروئين (He**in)
- ڪوڪين (Co***ne)
- آئيس/ميٿ (Methamphetamine)
- ايڪسٽسي/مولي (Ecstasy/Molly)
۽ ٻيون قانون ۾ شامل نشي آور شيون.

● ڪهڙا ڪم ڏوهه آهن؟
- قانوني اجازت کان سواءِ منشيات رکڻ، ٺاهڻ، وڪڻڻ، خريد ڪرڻ، ورهائڻ، منتقل ڪرڻ يا وڪري لاءِ پيش ڪرڻ ڏوهه آهي. اهڙيءَ طرح منشيات کي غيرقانوني طور سنڌ ۾ آڻڻ يا سنڌ کان ٻاهر کڻي وڃڻ به قانوني جرم آهي.
- ساڳيءَ طرح ڀنگ، چرس/ڪينابس، ڪوڪين يا آفيم جي غيرقانوني پوک به ڏوهه آهي۔

● سزا ڪهڙي ٿي سگهي ٿي؟
منشيات جي ڪيس ۾ سزا جو دارومدار بنيادي طور منشيات جي قسم ۽ مقدار تي هوندو آهي. مقدار وڌڻ سان سزا به وڌيڪ سخت ٿيندي وڃي ٿي. مثال طور، نفسياتي اثر رکندڙ مادن Psychotropic Substances جي صورت ۾ گهٽ مقدار تي قيد ۽ ڏنڊ کان شروع ٿي، وڏي مقدار تي 10، 14 يا 20 سالن تائين قيد ۽ وڌيڪ مقدار ۾ عمر قيد ۽ وڏو ڏنڊ ٿي سگهي ٿو.

● منشيات ٺاهڻ لاءِ جڳهه يا فيڪٽري هلائڻ:
جيڪڏهن ڪو شخص منشيات ٺاهڻ لاءِ غيرقانوني طور جڳهه، مشينري يا سامان رکي يا هلائي، ته ان تي 10 کان 25 سال تائين قيد ۽ گهٽ ۾ گهٽ 20 لک رپين جو ڏنڊ ٿي سگهي ٿو.

● گاڏي يا ملڪيت به ضبط ٿي سگهي ٿي:
منشيات جي ڏوهه ۾ استعمال ٿيل منشيات، سامان ۽ ڪجهه حالتن ۾ گاڏي يا ٻيو وسيلو به ضبط ٿي سگهي ٿو. گاڏي ضبط ڪرڻ بابت قانون ۾ مالڪ جي ڄاڻ ۽ ڪيس جي حالتن کي نظر ۾ رکندي مخصوص شرطون مقرر ٿيل آهن.

● منشيات جا ڪيس ۽ ضمانت:
هن قانون تحت ڏوهه قابلِ دست اندازي (Cognizable) ۽ غير ضمانتي (Non-Bailable) آهن. منشيات جي ڪيسن جي ٻڌڻي لاءِ خاص عدالتن (Special Courts) جو نظام پڻ رکيو ويو آهي. قانون موجب ٽرائل ڪورٽ کي ڪوشش ڪرڻي آهي ته ڪيس جي ٻڌڻي ڇهن مهينن اندر مڪمل ڪئي وڃي.

نوٽ:
منشيات جي ڪيس ۾ صرف مقدار ڏسڻ ڪافي ناهي؛ منشيات جو قسم، مقدار، برآمدگيءَ جو طريقو، موجود ثبوت ۽ لاڳو قانوني شقون سڀ اهم آهن.

*Diyat*
28/07/2026

*Diyat*

قانونی معلوماتڈاگ ٹریکنگ (Dog Tracking) کا ثبوت اکیلے کسی شخص کو مجرم ثابت کرنے کے لیے کافی نہیں ہوتا۔ عدالتوں کے مطابق ...
28/07/2026

قانونی معلومات
ڈاگ ٹریکنگ (Dog Tracking) کا ثبوت اکیلے کسی شخص کو مجرم ثابت کرنے کے لیے کافی نہیں ہوتا۔ عدالتوں کے مطابق یہ صرف تائیدی (Corroborative) ثبوت ہے، حتمی یا فیصلہ کن ثبوت نہیں۔
ٹریکر ڈاگ کا باقاعدہ تربیت یافتہ ہونا ضروری ہے۔
ڈاگ ہینڈلر کی گواہی عدالت میں پیش ہو اور جرح پر پوری اترے۔
ڈاگ ٹریکنگ کا مکمل اور قابلِ اعتماد ریکارڈ موجود ہو۔
اس ثبوت کی تائید دیگر مضبوط اور آزاد شواہد سے ہونا ضروری ہے۔
لہٰذا صرف ڈاگ ٹریکنگ کی بنیاد پر کسی شخص کو مجرم قرار نہیں دیا جا سکتا۔
— نذيرعباس بلوچ ایڈووکیٹ ہائی کورٹ

22/07/2026

عوامي تڪليف (Public Nuisance) ڇا آھي؟ قلم 133 CrPC جي درخواست ڇا آهي؟ اها ڇو، ڪنهن کي، ڪير ۽ ڪيئن ڏئي سگهي ٿو؟
| ​ايڊووڪيٽ نذيرعباس شر

​عوامي رستي تي مٽيءَ يا ملبي جا ڍير لڳائڻ، گهٽيءَ ۾ غير قانوني تعمير ڪرڻ، خطرناڪ حد تائين بيمار يا ڦرندڙ جانور، رهائشي علائقي ۾ حد کان وڌيڪ شور ڪندڙ ڪارخانا، ۽ پراڻي عمارت جو ڪرڻ جو خطرو وغيره سڀ معاملا قانوني ٻوليءَ ۾ عوامي تڪليف (Public Nuisance) سڏبا آهن. قانون شهرين کي اهڙن مسئلن کان بچائڻ لاءِ تڪڙو حل فراهم ڪري ٿو.

​1. قلم 133 CrPC تحت درخواست:
​قلم 133 CrPC هڪ اهڙو قانوني ۽ انتظامي تدارڪ (Emergency Legal Remedy) آهي جنهن ذريعي عوامي مفاد، صحت، ۽ سلامتيءَ کي درپيش ڪنهن به خطرناڪ يا تڪليف ڏيندڙ عمل کي فوري طور تي روڪرائي يا ختم ڪرائي سگهجي ٿو.

​2. هيءَ درخواست ڪنهن کي ڏني ويندي؟
​هيءَ درخواست پوليس ٿاڻي يا سول ڪورٽ بدران لاڳاپيل تعلقي جي مئجسٽريٽ (Magistrate) کي ڏني ويندي.
​اختيار واري عدالت: لاڳاپيل ضلعي/تعلقي جو مئجسٽريٽ.
​ڪارروائيءَ جو بنياد: هيءَ ڪارروائي شهريءَ جي درخواست، پوليس رپورٽ، يا مقامي بلدياتي باڊيءَ (Local Body) جي رپورٽ تي شروع ٿي سگهي ٿي.

​3. درخواست ڪير ڏئي سگهي ٿو؟
​ڪو به فرد جيڪو ان عوامي رڪاوٽ يا تڪليف مان متاثر ٿيندو هجي.
​گهٽي، پاڙي يا ڳوٺ جا ماڻهو گڏجي (دستخطون ڪري) درخواست ڏئي سگهن ٿا.
جڏهن معاملو عام ماڻهن جي فلاح جو هجي ته ​عوامي فلاحي تنظيمون/وڪيل به درخواست ڏئي سگھن ٿا۔

​4. هيءَ درخواست ڇو ڏني ويندي آهي؟
​هيٺين 5 مکيه صورتن ۾ عوامي سهولت ۽ سلامتيءَ لاءِ مئجسٽريٽ اڳيان هيءَ درخواست ڏني ويندي آهي:
1. ​عوامي رستي يا پاڻيءَ جي رستي ۾ رڪاوٽ: گهٽي، عام رستي، يا واهه/نالي ۾ ڪا غير قانوني تعمير يا رڪاوٽ جو ھجڻ.

2. ​صحت يا ڪاروبار جو خطرو: رهائشي علائقي ۾ اهڙو ڪارخانو يا ڪيمڪل جو ڪم هلندڙ هجي جنهن مان بدبوءِ، تعفن، يا بيماري پکڙجڻ جو خطرو هجي.
3. ڪو اهڙو گهر، ديوار يا وڻ جيڪو ڪرڻ جي حالت ۾ هجي ۽ جاني/مالي نقصان جو خطرو بڻيل هجي.
4. ​اهڙا جانور جن جي ڪري رستي هلندڙن کي خطرو يا وڏي اذيت هجي.
5. شهر ۾ باهه يا ڌماڪي جو سبب بنجندڙ مواد بنا حفاظتي تدبيرن جي رکڻ.

​5. درخواست ڪيئن ڏبي ۽ مئجسٽريٽ جو طريقيڪار:
​متاثرہ ڌر مئجسٽريٽ نالي هڪ تحريري درخواست لکندي جنهن ۾ واقعي جو هنڌ، رڪاوٽ جو قسم ۽ عام ماڻهن کي ٿيندڙ تڪليف لکبي. درخواست جون ٻه ڪاپيون ڪرايون وينديون ۽ آفيس مان باقاعده ريسيونگ (Receiving) حاصل ڪبي.

6. مئجسٽريٽ جو درخواست تي حڪم:
​عبوري حڪم (Conditional Order): مئجسٽريٽ شڪايت تي شروعاتي جائزو وٺي پوليس کان موقعي جي رپورٽ گهرائي، خلاف ورزي ڪندڙ ڌر نالي Show Cause Notice جاري ڪندو ته هو مقرر وقت ۾ اها رڪاوٽ خود هٽائي يا پيش ٿي وضاحت ڏئي.
​حتمي حڪم (Absolute Order): جيڪڏهن خلاف ورزي ڪندڙ پيش نٿو ٿئي يا هو معقول جواب نٿو ڏئي، ته مئجسٽريٽ پنهنجو حڪم حتمي (Absolute) ڪري ڇڏيندو.

7. ​رڪاوٽ جو خاتمو ۽ سزا: مئجسٽريٽ انتظاميا ۽ پوليس کي حڪم ڏيندو ته موقعي تي وڃي اها رڪاوٽ ڊاهي رستو صاف ڪرايو وڃي. مئجسٽريٽ جي حڪم جي عدوليءَ تي جوابدار خلاف قلم 188 PPC تحت باقاعده باجواز FIR داخل ڪئي ويندي.

22/07/2026

ضمانت (Bail) ڇا آهي؟ ان جا قسم ۽ ڇا پوليس به ضمانت ڏئي سگهي ٿي؟
| ايڊووڪيٽ نذيرعباس بلوچ

1. ضمانت (Bail) ڇا آهي؟
ضمانت مان مراد ڪنهن گرفتار يا ڏوھ ۾ نامزد ٿيل شخص کي ڪيس جو حتمي فيصلو ٿيڻ تائين پوليس جي تحويل يا جيل مان عارضي طور آزاد ڪرائڻ آهي. ان جو بنيادي مقصد جوابدار کي پنهنجي دفاع جو مڪمل حق فراهم ڪرڻ آهي، جيئن هو جيل بدران آزاد رهي ڪيس وڙهي سگهي.

2. ضمانت جا قسم:

▪ قابلِ ضمانت ڏوهن ۾ ضمانت (Section 496 CrPC):
معمولي ڏوهن ۾ ضمانت جوابدار جو قانوني حق آهي. قلم 496 ضابطه فوجداري (CrPC) تحت عدالت يا پوليس پابند آهي ته قانون موجب ضمانت منظور ڪري.

▪ غير قابلِ ضمانت ڏوهن ۾ ضمانت (Section 497 CrPC):
سنگين ڏوهن (جهڙوڪ قتل يا ڦر) ۾ ضمانت ملڻ يا نه ملڻ عدالت جي صوابديد (Discretion) تي منحصر هوندو آهي. قلم 497 CrPC ان جا قانوني معيار مقرر ڪري ٿو.

▪ گرفتاريءَ کان اڳ واري ضمانت (Section 498 CrPC):
جيڪڏهن ڪنهن شخص کي ڪوڙي يا بدنِيتيءَ تي ٻڌل ايف آءِ آر FIR سبب گرفتاري يا بي عزتيءَ جو انديشو هجي، ته هو قلم 498 CrPC تحت سيشن ڪورٽ يا هاءِ ڪورٽ کان گرفتاريءَ کان اڳ ضمانت حاصل ڪري سگهي ٿو.

▪ شخصي ضمانت يا مچلو (Section 499 CrPC):
قلم 499 CrPC تحت جوابدار يا سندس ضامن (Surety) زمين يا ملڪيت جا ڪاغذ ڏيڻ بدران شخصي مچلو (Personal Bond) يا ضمانتي مچلو جمع ڪرائي عدالت ۾ مقرر تاريخن تي حاضريءَ جو اقرار ڪندو آهي.

3. ڇا پوليس ٿاڻي تان ضمانت ڏئي سگهي ٿي؟
قانون موجب پوليس کي به ضمانت ڏيڻ جو اختيار حاصل آهي، پر صرف قابلِ ضمانت ڏوهن (Bailable Offences) ۾.
▪ قابلِ ضمانت ڏوهه (Section 496 CrPC):
اهڙن ڏوهن ۾ پوليس آفيسر قانوني طور پابند هوندو آهي ته جوابدار کي شخصي مچلي يا مناسب ضمانت تي ٿاڻي تان ئي آزاد ڪري.

▪ غير قابلِ ضمانت ڏوهه (Section 497 CrPC):
سنگين يا غير قابلِ ضمانت ڏوهن (Non-Bailable Offences) ۾ پوليس وٽ ضمانت ڏيڻ جو اختيار نه هوندو آهي. اهڙين حالتن ۾ ضمانت لاءِ عدالت سان رجوع ڪرڻو پوندو.

4. ضمانت جو مچلو ضبط ٿيڻ (Section 514 CrPC)
ضمانت ملڻ سان ڪيس ختم نه ٿيندو آهي، بلڪه جوابدار کي آزاد رهي ڪيس هلائڻ جي اجازت ملندي آهي. جيڪڏهن جوابدار ضمانت ملڻ کان پوءِ عدالت ۾ حاضر نه ٿئي يا مفرور ٿي وڃي، ته قلم 514 CrPC تحت عدالت ضمانتي مچلو ضبط ڪري سگهي ٿي ۽ ضامن (Surety) کان مچلي جي رقم وصول ڪري سگهي ٿي. ضرورت پوڻ تي اها رقم وصول ڪرڻ لاءِ ضامن جي ملڪيت به قانون موجب ضبط يا نيلام ڪري سگهجي ٿي.

20/07/2026

ايف آءِ اي (FIA) ۽ اين سي سي آءِ اي (NCCIA) ۾ فرق ۽ شڪايت داخل ڪرڻ جو طريقو
| ايڊووڪيٽ نذيرعباس شر

عام ماڻهن کي اڪثر ڪري غلط فهمي هوندي آهي ته سائبر ڪرائم ونگ يعني جديد ڏوھن جي جاچ جو اختيار اڃا به FIA وٽ آهي، پر قانوني طور تي هاڻي اهو اختيار تبديل ٿي چڪو آهي. پاڪستان ۾ وفاقي ڏوهن ۽ سائبر ڏوهن (انٽرنيٽ يا موبائل ذريعي ٿيندڙ ڏوهن) جي روڪٿام لاءِ ٻه مختلف ادارا ڪم ڪري رهيا آهن:
1. ايف آءِ اي (فيڊرل انويسٽيگيشن ايجنسي):
ايف آءِ اي ملڪ جو اهو وفاقي ادارو آهي جيڪو سنگين وفاقي ڏوهن جهڙوڪ: غير قانوني پرڏيهه وڃڻ (Human Trafficking/Agent Mafia)، پاسپورٽ ۽ ويزا ۾ فراڊ، ملڪي معيشت کي نقصان پهچائڻ (Money Laundering)، مالياتي گهوٽالا، بئنڪنگ فراڊ، ۽ سرڪاري آفيسرن جي ڪرپشن (Anti-Corruption) بابت ڪيسن جي جاچ ڪندو آهي.

2. اين سي سي آءِ اي (نيشنل سائبر ڪرائم انويسٽيگيشن ايجنسي):
هيءُ وفاقي حڪومت پاران جوڙيل هڪ نئون ۽ خودمختيار ادارو آهي جنهن پاڪستان هي جديد ڏوھن جي روڪٿام واري قانون - پيڪا ائڪٽ (PECA 2016) تحت FIA جي اڳوڻي سائبر ڪرائم ونگ (Cyber Crime Wing) جي جاءِ ورتي آهي. هاڻي سوشل ميڊيا تي هراساني (Online Harassment)، هيڪنگ، فيڪ اڪائونٽس، آن لائن بليڪ ميلنگ، عورتن جون تصويرون وائرل ڪرڻ، ۽ آن لائن مالي فراڊز جو پورو اختيار رڳو NCCIA وٽ آهي.

اين سي سي آءِ اي (NCCIA) ۾ سائبر ڪرائم جي شڪايت داخل ڪرڻ جو عملي طريقيڪار:
جيڪڏهن اوهان سان سوشل ميڊيا (Facebook, WhatsApp, TikTok) تي بليڪ ميلنگ، آن لائن فراڊ يا اڪائونٽ هيڪنگ ٿي آهي، ته فريادي پنهنجي ويجهي NCCIA سينٽر (جهڙوڪ حيدرآباد، ڪراچي يا سکر) ۾ پاڻ وڃي لکت ۾ شڪايت ۽ ثبوت هيٺين طريقي سان جمع ڪرائي سگهي ٿو:
1. شڪايت جي درخواست ڊپيوٽي ڊائريڪٽر (NCCIA) جي نالي لکبي.
2. ان درخواست ۾ واقعي جو سڄو حال، تاريخون ۽ تفصيل واضح لکجن.
3. گهربل تصويرون، اسڪرين شاٽس، لنڪس، ويڊيوز يا موبائل نمبر وغيره هڪ يو ايس بي (USB) ۾ وجهي درخواست سان گڏ جمع ڪرايا وڃن.
4. درخواست جون ٻه ڪاپيون ڪرايون وڃن؛ هڪ ڪاپي دفتر ۾ جمع ٿيندي ۽ ٻي ڪاپي تي جمع ڪرائڻ جو ٺپو يعني ريسيونگ حاصل ڪئي ويندي.
5. شڪايت جمع ٿيڻ کانپوءِ انڪوائري شروع ٿيندي جنهن ۾ ٻنهي ڌرين (فريادي ۽ جوابدار) کي گهرائي بيان قلمبند ڪيا ويندا.
6. انڪوائري آفيسر ثبوت ڪٺا ڪندو، ۽ جيڪڏهن ثبوت پختا هوندا ته جوابدار خلاف باقاعده ايف آءِ آر (FIR) داخل ڪئي ويندي.

20/07/2026

2026 MLD 138
سندھ ہائی کورٹ نے آئس مقدمہ میں مسافر کوچ جس میں ڈرائیور اکیلا تھا کوچ میں سے 2000گرام آئس کیس برآمدگی میں ملزم سزا کالعدم کرتے ہوئے بری کر دیااور عدالت نے منشیات مقدمہ میں قرار دیا ہے کہ
*650 کلومیٹر کا "خالی کوچ" والا کیس: سندھ ہائی کورٹ نے سزا کالعدم قرار دی*
- *ثبوت میں شک = بریت: CNSA کیس میں *بس عدالت میں پیش ہی نہیں کی گئی، کیس کیسے ثابت ہوتا؟
- *Control of Narcotic Substances Act: پروسیکیوشن کی ناقص تفتیش پر عدالت برہم*
- *پولیس نے کہا خالی بس میں 2 کلو آئس ملی... جج نے ماننے سے انکار کر دیا*
- *بغیر مسافر، بغیر کنڈکٹر 650KM کا سفر؟ عدالت نے کہا "ناممکن"*
# ہائی کورٹ: اگر استغاثہ کا ایک بھی نکتہ مشکوک ہو تو ملزم "Benefit of Doubt" کا حق دار ہے۔
2000 گرام آئس ریکوری کیس میں کوچ پیش نہ کرنے اور ناقابلِ یقین کہانی پر ملزم بری۔
"سمجھدار آدمی یہ بات نہیں مانے گا کہ ایک بس بغیر مسافر اور کنڈکٹر کے 650KM سفر کرے"
2026 M L D 138
[Sindh]
Before Zafar Ahmad Rajput and Tasneem Sultana, JJ
Hafeez Murad---Applicant
Versus
The State---Respondent
Criminal Appeal No. 258 of 2024, decided on 7th March, 2025.
(a) Control of Narcotic Substances Act (XXV of 1997) [as amended by Control of Narcotic Substances (Amendment) Act (XX of 2022)]---
----Ss. 6 & 9(2), Sr. No.(6)---Appreciation of evidence---Benefit of doubt---Vehicle not produced before the Court---Prosecution case was that 2000-grams Ice (Methamphetamine) was recovered from the vehicle driven by accused---Alleged bus/coach had not been produced before the Trial Court at the time of recording evidence of witnesses---Investigating Officer visited the place of incident on the pointation of complainant and prepared such memo. but he did not bother to inspect the coach in order to verify as to whether there was sufficient space under the driver seat to keep the alleged recovered Ice---Non-production of alleged coach at the time of examination of witnesses casted serious doubts in prosecution case---As per prosecution claim, the alleged coach reached the pointed place from T without any passenger, co-driver and conductor---In his cross-examination, Investigating Officer showed unawareness about any other driver and conductor in the coach---Investigating Officer did not remember if the appellant being single driver had driven the coach from T to K ---Said fact did not appeal to a prudent mind that a passenger carriage would start its travel from T to K without boarding any passenger and having no other co-driver or conductor and did not stop at any police, customs and excise posts in its route of more than 650 kilometer for checking purpose---Said facts of the case led to inference that the entire exercise of arrest of appellant and recovery of the Ice from his possession in the instant case was highly doubtful---Appeal was allowed and conviction and sentence of accused were set-aside.
(b) Criminal trial---
----Benefit of doubt---Principle---If a single circumstance creates reasonable doubt in a prudent mind about the guilt of the accused, then accused would be entitled to such benefit not as a matter of grace and concession, but as a matter of right.
Muhammad Akram v. The State 2009 SCMR 230 rel.
Hafeezullah Khan for Appellant.
Abrar Ali Khichi, Additional Prosecutor General for the State.
Date of hearing: 17th February, 2025.
Judgment
Tasneem Sultana, J.---Through this appeal, appellant, Hafeez Murad son of Murad Bux, has assailed the judgment, dated 13.03.2024, passed by the learned VIII-Addl. Sessions Judge/Addl. Model Criminal Trial Court, Karachi-West in Sessions Case No. 06 of 2024, arisen out of FIR No. 449 of 2023, registered at Police Station Mochko, Karachi under sections 6/9-2(6) of the Control of Narcotic Substance (Amendment) Act, 2022, whereby the appellant was convicted for the said offence and sentenced to suffer R.I. for seven years and to pay a fine of Rs. 1,25,000/-, in default thereof, he shall undergo S.I. for six months more. The benefit of section 382-B, Cr. P.C. was extended to appellant.
2. It is alleged that, on 14.10.2023 at 1550 hours, a police party headed by SIP Muhammad Yaseen, during course of patrolling, reached main Hub River Road, Rais Goth, Mochko, Karachi, where they stopped a coach bearing Registration No. BSB-649, Al-Habib Coach, coming from Turbat to Karachi, for checking and on being recovered two packets of Ice (Methamphetamine) weighing 2000 gram wrapped with Yellow Tap in brown color polythene bag lying under the driver/appellant s seat. The appellant was arrested under memo. of arrest and recovery, prepared in presence of mashirs HC Kashif Ali and PC Nisar Ahmed; for that he was booked in the FIR.
3. On conclusion of usual investigation, police submitted the challan against the appellant. After completing the codal formalities, the Trial Court framed the charge against the appellant, to which he pleaded not guilty and claimed to be tried. In order to substantiate the charge, prosecution examined four witnesses. PW-1, SIP Muhammad Yaseen, complainant, examined at Ex.3, who produced entry No. 47, memo. of arrest and recovery, FIR, entry No. 25 and memo. of place of incident at Ex.3-A to 3-E, respectively; PW-2, HC Kashif Ali examined at Ex.4; PW-3, SIP Muhammad Mumtaz, Investigating Officer, examined at Ex.5, who produced entries Nos. 54, 57, 6, letter to Chemical Examiner along with receipt, Chemical Examiner s Report, Entry No. 32, CRO of accused, Entry of Book No. 19, Letter to Incharge Malkhana for depositing property to City Court Malkhana, releasing of vehicle order, dated 18.10.2023, seizing report of bus, Entry No. 37, dated 24.01.2024 at Ex. 5-A to 5-M, respectively, and B H.C Shahbaz Ahmed Khan, Head Moharrir, examined at Ex.7. Statement of the appellant under section 342, Cr.P.C. was recorded at Ex.9, wherein he denied the recovery of Ice from his possession and deposed that police arrested him from Coach, wherein around 45 passengers were traveling with two conductors Salah and Salal and another driver Alauddin. He further deposed that PWs had deposed against him falsely. He, however, neither examined himself on oath, nor even led any evidence in his defence. The trial Court after hearing the learned counsel for the appellant as well as DDPP for the State, convicted the appellant and sentenced him as mentioned above, vide impugned judgment.
4. We have heard the learned counsel for the appellant as well as Addl. P.G and perused the material available on record with their assistance.
5. It is case of the prosecution, as unfolded in his deposition by the P.W-1 complainant, SIP Muhammad Yaseen (Ex.03) that he got the coach stopped at Mochko Check Post and found the coach driver/appellant alone in the coach without any passenger and during checking he recovered alleged Ice lying under the seat of driver/appellant. PW. 2, HC Kashif Ali, mashir (Ex. 4) has corroborated the evidence of the complainant. P.W-4, Shahbaz Ahmed Khan, Head Moharrir (Ex.07) has deposed that on 14.10.2023, he received one sealed packet of Ice weighing 2 Kg and coach bearing No. BSB-649, thereby he made such entry in book No. 19, Mud No. 258 of 2023, and kept the case property in malkhana and parked the coach in the premises of police station. P.W-3, SIP Muhammad Mumtaz, I.O. (Ex-05) has deposed that, on 15.10.2023, he received investigation; visited place of incident at 0650 hours on the pointation of complainant and prepared memo. of site inspection; recorded statements of PWs under section 161, Cr.P.C.; on 15.10.2023, he collected case property from Head Moharrir and on 16.10.2023, he deposited the same in the office of Chemical Examiner for chemical analysis.
6. It is matter of record that the alleged bus/coach has not been produced before the Trial Court at the time of recording evidence of P.Ws. PW-3, SIP Muhammad Mumtaz, I.O. visited the place of incident on the pointation of complainant and prepared such memo. (Ex. 3/E) but he did not bother to inspect the coach in order to verify as to whether was there sufficient space under the driver seat to keep the alleged recovered Ice. Non-production of alleged coach at the time of examination of P.Ws. casts serious doubts in prosecution case.
7. As per prosecution claim, and to utter surprise, the alleged coach reached the pointed place from Turbat, Baluchistan without any passenger, co-driver and conductor. In his cross-examination, PW-3, I.O. showed unawareness about any other driver and conductor in the coach. He responded a question by replying that he did not remember if the appellant being single driver had driven the coach from Turbat to Karachi. It does not appeal to a prudent mind that a passenger carriage would start it travel from Turbat to Karachi without boarding any passenger and having no other co-driver or conductor and would not be stopped at any police, customs and excise posts in its rout of more than 650 kilometer for checking purpose.
8. Aforementioned facts of the case lead to inference that the entire exercise of arrest of appellant and recovery of the Ice from his possession in the instant case is highly doubtful. It is now well-settled principle that there is no need to be multiple circumstances creating doubt. If a single circumstance creates reasonable doubt in a prudent mind about the guilt of the accused, then accused will be entitled to such benefit not as a matter of grace and concession, but as a matter of right. In the case of Muhammad Akram v. The State (2009 SCMR 230), the Apex Court has held, as under: -
It is an axiomatic principle of law that in case of doubt, the benefit thereof must accrue in favour of the accused as matter of right and not of grace. It was observed by this Court in the case of Tariq Pervez v. The State 1995 SCMR 1345 that for giving the benefit of doubt, it was not necessary that there should be many circumstances creating doubts. If there is circumstance which created reasonable doubt in a prudent mind about the guilt of the accused, then the accused would be entitled to the benefit of doubt not as a matter of grace and concession but as a matter of right.
9. For the foregoing facts and circumstances, we are of the considered view that the prosecution has failed to prove its case against the appellant beyond a reasonable doubt by producing reliable, trust worthy and confidence inspiring evidence, therefore, we allow this appeal. Resultantly, the conviction and sentence awarded to appellant vide impugned judgment, dated 13.03.2024, are set aside and he is acquitted of the charge.
10. Above are the reasons of our short order dated 17.02.2025, whereby the instant appeal was allowed.
JK/H-10/Sindh Appeal allowed.
PakistanLaw


#انصاف #قانون #پاکستان #بری #قانون #انصاف

20/07/2026

پوليس ايف آءِ آر (FIR) جا ڪلاس/قسم ۽ انهن جا قانوني مطلب۔

​گهڻا ماڻهو سمجهندا آهن ته ايف آءِ آر داخل ٿيڻ بعد هر ڪيس جو سڌو ٽرائل (ڪورٽ سنوائي) ٿيندو آهي، پر قانون ۾ ائين ناهي. پوليس جاچ کانپوءِ ڪيس کي ٽن مکيه ڪلاسن (A, B, C Classes) ۾ ورهايو ويندو آهي:
​اي ڪلاس (A-Class): هي اهو ڪيس هوندو آهي جيڪو سچو هجي (يعني ڏوهه واقعي ٿيو آهي) پر پوليس کي جوابدارن جو ڪو پتو يا ثبوت نه ملي سگهي. اهڙي رپورٽ ملڻ تي مئجسٽريٽ ڪيس کي "جوابدار لڀڻ تائين" بند ڪري ڇڏيندو آهي.
​بي ڪلاس (B-Class): هي اهو ڪيس هوندو آهي جيڪو دشمني تحت سراسر ڪوڙو، من گھڙت ۽ بي بنياد هجي. جيڪڏهن مئجسٽريٽ پوليس جي هيءَ رپورٽ منظور ڪري ته جوابدار باعزت بري ٿي ويندو آهي ۽ ڪوڙو ڪيس ڪندڙ خلاف پي پي سي (PPC) جي قلم 182 تحت ڪارروائي ڪري کيس جيل موڪلي سگهجي ٿو.
​سي ڪلاس (C-Class): هيءَ رپورٽ تڏهن جاري ٿيندي آهي جڏهن ڪيس ڪنهن "غلط فهمي" (Mistake of Fact) جي ڪري داخل ڪيو ويو هجي، يا معاملو فوجداري (Criminal) بدران ديواني نوعيت (Civil Nature) جو هجي. اهڙي صورت ۾ ڪيس کي سول ڪورٽ وڃڻ جي هدايت سان ختم ڪيو ويندو آهي.
جيڪڏهن ڪيس انهن ٽنهي ڪلاسن (A, B, ۽ C) مان ڪنهن ۾ به نه اچي، ته ان جو مطلب اهو آهي ته پوليس جي جاچ موجب ڪيس سچو (True Case) آهي ۽ جوابدارن خلاف ڏوهه جا ڪافي ثبوت مليا آهن. اهڙي صورت ۾ پوليس ضابطه فوجداري جي قلم 173 CrPC تحت عدالت ۾ ڪيس جو فائنل چالان (Charge-sheet) پيش ڪندي آهي، جنهن ۾ جوابدارن جا نالا، گواهن جا بيان ۽ ثبوت شامل هوندا آهن.

پوليس سي آر او (CRO) ڇا آهي؟ سي آر او مان رڪارڊ ڪيئن صاف (Clear) ٿيندو، ۽ نه ڪرائڻ جا اثر ڪهڙا آهن؟| ايڊووڪيٽ نذيرعباس ش...
20/07/2026

پوليس سي آر او (CRO) ڇا آهي؟ سي آر او مان رڪارڊ ڪيئن صاف (Clear) ٿيندو، ۽ نه ڪرائڻ جا اثر ڪهڙا آهن؟

| ايڊووڪيٽ نذيرعباس شر

جڏهن به ڪنهن شخص خلاف ڪو فوجداري ڪيس يا ايف آءِ آر (FIR) داخل ٿيندي آهي، ته پوليس ان شخص جو هڪ خاص رڪارڊ تيار ڪندي آهي، جنهن کي CRO (Criminal Record Office) رڪارڊ چيو ويندو آهي. اچو ته ان بابت ڪجهه بنيادي قانوني نڪتا سمجهون.

1. سي آر او (CRO) ڇا آهي؟
سي آر او پوليس جو هڪ مرڪزي ڊجيٽل ۽ مينوئل سسٽم آهي، جتي ڏوهن ۾ ملوث يا نامزد ٿيل ماڻهن جو بايوميٽرڪ رڪارڊ (جهڙوڪ آڱرين جا نشان (Fingerprints)، فوٽو، سڃاڻپ ڪارڊ نمبر ۽ ڪيسن جي تفصيل) محفوظ ڪيو ويندو آهي. جڏهن به ڪو شخص گرفتار ٿيندو آهي، ته سڀ کان پهرين سندس CRO رڪارڊ تيار ڪيو ويندو آهي، جيئن معلوم ڪري سگهجي ته هو اڳ ۾ به ڪنهن فوجداري ڪيس ۾ ملوث رهيو آهي يا نه.

2. سي آر او (CRO) رڪارڊ هجڻ جا اثر (Impacts):
جيڪڏهن ڪنهن شخص جو نالو CRO رڪارڊ ۾ موجود هجي، ته کيس هيٺيان نقصان پيش اچي سگهن ٿا:
▪ سرڪاري يا حساس ادارن (جهڙوڪ بئنڪون، فوج، پوليس، عدليه وغيره) ۾ نوڪري حاصل ڪرڻ ڏکيو يا ناممڪن ٿي سگهي ٿو، ڇاڪاڻ ته ڪريڪٽر ويريفڪيشن Character Verification دوران پوليس ڪليئرنس سرٽيفڪيٽ (PCC) تي اعتراض ظاهر ٿي سگهي ٿو.
▪ پرڏيهه ۾ پڙهائي، نوڪري يا سفر لاءِ اڪثر پوليس ڪليئرنس سرٽيفڪيٽ (PCC) گهربل هوندو آهي. CRO رڪارڊ موجود هجڻ سبب ويزا جي درخواست تي منفي اثر پئجي سگهي ٿو.
▪ جڏهن به علائقي ۾ ڪو نئون ڏوهه ٿيندو آهي، ته پوليس شڪ جي بنياد تي سڀ کان پهرين انهن ماڻهن کان پڇا ڳاڇا ڪندي آھي، جن جو نالو CRO رڪارڊ ۾ موجود هوندو آهي.

3. سي آر او (CRO) جو رڪارڊ ڪيئن صاف ڪرائجي؟
جيڪڏهن اوهان ڪنهن فوجداري ڪيس مان بري (Acquitted) ٿي چڪا آهيو، پر ان باوجود اوهان جو CRO رڪارڊ صاف نه ٿيو آهي، ته هيٺين طريقي سان ان جي ڪليئرنس لاءِ درخواست ڏئي سگهجي ٿي:
▪ عدالت مان بري ٿيڻ واري فيصلي جي تصديق ٿيل ڪاپي (Certified Copy of Acquittal Order) حاصل ڪريو ۽ لاڳاپيل پوليس ٿاڻي تي پيش ڪريو، جتي ايف آءِ آر داخل ٿي هئي، ته جيئن پوليس پنهنجو رڪارڊ اپڊيٽ ڪري. ان کان پوءِ پوليس جي رپورٽ سان گڏ ضلعي جي ايس ايس پي (SSP) آفيس يا سڌو پوليس هيڊ ڪوارٽر جي CRO برانچ ۾ درخواست ڏيو ته ڪيس ختم ٿيڻ کان پوءِ اوهان جو نالو CRO رڪارڊ مان خارج ڪيو وڃي.
سي آر او CRO رڪارڊ ڪليئر ڪرائڻ لاء هيٺيان دستاويز گهربل هوندا آهن:
1. عدالت جي فيصلي جي تصديق ٿيل ڪاپي (Certified Copy)
2. ايف آءِ آر جي ڪاپي
3. لاڳاپيل پوليس ٿاڻي مان جاري ڪيل اسٽيٽس رپورٽ
4. قومي سڃاڻپ ڪارڊ (CNIC) جي ڪاپي

Address

Thari
Sindh

Website

Alerts

Be the first to know and let us send you an email when Nazir Abbas Law Associate &Co.Legal ConsultantS posts news and promotions. Your email address will not be used for any other purpose, and you can unsubscribe at any time.

Contact The Business

Send a message to Nazir Abbas Law Associate &Co.Legal ConsultantS:

Shortcuts

Share