Adv Ahsan Shar

Adv Ahsan Shar : "قانون سڀني لاءِ، حق ڪنهن جو به نه وساريو

11/08/2025

مون سون برساتن جو طاقتور سسٽم 14 آگسٽ کان شروعات ڪرڻ جا امڪان ھن وقت جي اپڊيٽ مطابق ته وچولي ۽ اتر کي ڇڏي بقايا ڏکڻ اولھ سنڌ جي علائقن ۾ برساتون چيلينج بڻجي سگهن ٿيون

10/08/2025

نارو,
وابڊا,پوليس,ايريڪيشن,روينيو,سميت جيتري رشوت آسان طريقي سان ھتي ملي ٿي شايد ٻيئي سنڌ۾ گھٽ,رشوت ڏيڻ وارا به راضي,وٺڻ وارا به راضي

10/08/2025

مري ويل ماڻھن تي ڪنهن به ڇانوَ جو اثر ناھي ٿيندو
رهجي ويل منظر

02/08/2025

"عام شهري لاءِ قانون ڄاڻ ڇو ضروري آهي؟"

مواد:
عام شهري لاءِ قانون ڄاڻڻ پنهنجو تحفظ ڪرڻ جي پهرين قدم وانگر آهي.
جڏهن توهان پنهنجا حق ڄاڻندا، تڏهن ڪو به توهان سان ناانصافي نٿو ڪري سگهي!

🧠 ڄاڻو: ✔️ پوليس اوهان کي بغير وارنٽ جي هر حال ۾ گرفتار نٿي ڪري سگهي (آئين جو آرٽيڪل 10)
✔️ هر شهري کي برابري جو حق آهي، ذات، زبان يا مذهب جي بنياد تي فرق نٿو ڪري سگھي (آرٽيڪل 25)
✔️ توهان وٽ حق آهي ته عدالت ۾ پاڻ جو دفاع ڪري سگهو (Legal Representation)

🎯 ياد رکو:
"حق صرف تڏهن محفوظ رهن ٿا، جڏهن ماڻهو انهن بابت باخبر هوندا!"

#صحافت #عوامي

01/08/2025

پڙھيا ڪڙھيا ڪين, توڙي پڙھن چين.
جن جو پئسن تي يقين.*
* سي اڻ پڙھيا به اي ايس آئي ٿي ويا.
😆

31/07/2025

اسان شر خوش نصيب آهيون! 🎉
تعلقي ناري ۾ جتي بجلي، پاڻي، روڊ، اسڪولن جا خواب اڻپورا هئا،
اتي ترقياتي ڪم آخرڪار اڳتي وڌي رهيا آهن! 🙌
مھرباني چئبو چيرمين صاحب کي،
جن ترقي جو نئون باب کوليو… جنهن ۾ هر آواز جو جواب بارود سان ملندو آهي 😅



28/07/2025

حَسْبُنَا اللَّهُ وَنِعْمَ الْوَكِيلُ
نِعْمَ الْمَوْلَىٰ وَنِعْمَ النَّصِيرُ
♥️
Adv Ahsan Shar

جي ايم سيد جي جنرل ضياء الحق اڳيان هٿ جوڙڻ واري هي تصوير شايد ئي ڪنهن ڏٺي هجي ورنه هن جي قريب قريب ٻيون تصويرون اخبارن ج...
24/07/2025

جي ايم سيد جي جنرل ضياء الحق اڳيان هٿ جوڙڻ واري هي تصوير شايد ئي ڪنهن ڏٺي هجي ورنه هن جي قريب قريب ٻيون تصويرون اخبارن جي زينت بنيون ۽ سماجي رابطي جي ويب سائيڊن تي پڻ موجود آھن مگر هي تصوير ڪٿي ڪون ملندي مونکي هي تصوير هڪ ڪتاب مان ملي هون ته جنرل ضياء الحق سنڌ مان پيپلز پارٽي جو وجود ختم ڪرڻ خاطر جي ايم سيد سان ٻه چار دفا مليو آھي ۽ جي ايم سيد پيپلزپارٽي خلاف سنڌ ۾ نفرت ڦيلائڻ جي ڪافي ڪوشش به ڪئي ساڻس ڪجھ درگاهن جا پير شريف به انهي ڪم ۾ شامل ٿيا هيا خير اهو سڀ پنهنجي جڳه تي منهنجو مقصد هٿ جوڙڻ واري هن تصوير جي اصل حقيقت تان پردو هٽائڻ آھي پڙھڻ وارا منهنجي ڳالھ کي رد ڪندي اهوضرور چوندا ته هٿ جوڙڻ سنڌي ثقافت آھي ۽ جي ايمڙو سنڌي ثقافت جو مظاهرو پيو ڪري ته اها ڳالھ بلڪل غلط آھي ٻي آڏو ٻانهون ٻڌڻ سنڌي ثقافت ناهي قطعي ناهي هي هندوئن جي پوجا ڪرڻ جو طريقو آ جنهن کي سنڌي ثقافت جو نالو ڏنيون ويو آهي ۽ مطلب پرست ماڻھون جنهن ۾ غرض هوندي آھي انهي آڏو ٻانهون ٻڌي اينهين جُھڪي بيٺل هوندا آھن ڄڻ سندس پوجا پاٽ پيا ڪن خير اها ڳالھ به هڪ طرف سوال اهو آھي ته جي ايم سيد جنرل ضياء اڳيان ھٿ ٻڌي ڪهڙو پيو سوال ڪري ته مان اهو واضح ڪري ڇڏيان ته جي ايم سيد ضياء اڳيان ھٿ انهي ڪري ٻڌا ته جي ايم سيد هڪ ڪفريه ڪتاب لکي اسلام تي چٿرون ڪيون ۽ اسلام خلاف گهڻون ڪجھ گند لکي ڪتاب ڇپرائي ڪتاب جو نالو جيئن ڏٺو آ مون هو اهو ڪتاب مارڪيٽ ۾ اڄ به عام جام ملي ٿو توهان پڙھي ڏسو ته جي ايم سيد اسلامي عقيدن ۽ شعائر اسلام تي ڪيڏا نه اعتراض اٿاريا آھن ڪيتريون چٿرون الرون ڪيون آھن انهي ڪتاب جي رد ۾ حضرت آغا محمد ابراهيم جان سرهندي رحم الله ڪتاب لکي هئي سنڌ سونهاري جيڪا جي ايم سيد جي اسلام حملن ۽ سڄي قوم پرستي جي وجود کي واضح لفظن لکي وائکو ڪيو جي ايم سيد انهي ڪتاب جي بندش خاطر جنرل ضياء الحق اڳيان هٿ ٻڌا ۽ جنرل ضياء جي حڪم سان سنڌ سونهاري ڪتاب تي پابندي لڳائي وئي جيڪا تاحال جاري آھي اهو ڪتاب مارڪيٽ ۾ دستياب ناهي مگر ڪجھ خاص ماڻھن وٽان فوٽو اسٽيٽ جي شڪل ۾ ملي
وڃي ٿو ۽ ڪجھ دوستن جي ٿوري سان اهو ڪتاب پي ڊي ايف فائل ۾ به ڪنورٽ ڪيو ويو آھي ۽ گوگل تي سرڇ ڪرڻ سان ملي ويندو
سنڌي نوجوان قوم پرست واري انهي گند ۽ ڌوڪي کي سمجهڻ لاء سنڌ سونهاري ڪتاب جو ضرور مطالعو ڪن

23/07/2025

🌺 *اڄ جو ويچار*🌺

👉 "*موجوده لمحي کي ڀاڪر پايو. جيڪڏهن اها خوشي آڻي ٿي، ته اُنهن کي سهڻين يادن ۾ تبديل ٿيڻ ڏيو. جيڪڏهن اها مشڪل لڳي، ته اُن کي روشن مستقبل جي اميد بڻجڻ ڏيو*
*لمحي کي ڀاڪر پائڻ جو مطلب آهي ته جيڪي تجربا زندگي پيش ڪري ٿي، تن سان مڪمل نموني سان جڙيل رهڻ. جيڪڏهن زندگي خوشي آڻي ٿي، ته اُن کي ساراهو. پر جيڪڏهن وقت ڏکيو آهي، ته اميد قائم رکو، ته جيئن ڪو به لمحو بنا جيئڻ جي هٿ مان نه نڪري وڃي*

*هر لمحي مان فائدو وٺو، جيڪو به اچي، ان کي ڀاڪر پائڻ سکڻ. ڀلي اهو سٺو وقت هجي يا ڏکيو، پاڻ کي بي چين نه ٿيڻ ڏيو. ڀروسو رکو، اميد قائم رکو، ۽ ڪوشش ڪريو ته زندگيءَ کي جيترو ٿي سگهي خوشحال بڻايو*

23/07/2025

*♥️‏رب کی دی عنایتیں بڑی خاموشی سے آسمان سے نازل ہو کر*
`🤍زندگی میں گہرے خوشیوں کے رنگ لاتی ہیں۔`
*♥️بس امید کی آنکھیں اور بھروسے والے دعا کے ہاتھ اپنی جگہ قائم رکھیۓ۔*
*`🤍وہ سنتا ہے۔سب کی۔۔۔`*

23/07/2025

*کسی قبرستان کے باہر لکھا تھا:*
منزل تو تیری یہی تھی، بس زندگی گزر گئی آتے آتے۔ کیا ملا تجھے اس دنیا سے، اپنوں نے ہی دفنا دیا تجھے جاتے جاتے!!.....

Address

Nawabshah

Website

Alerts

Be the first to know and let us send you an email when Adv Ahsan Shar posts news and promotions. Your email address will not be used for any other purpose, and you can unsubscribe at any time.

Share

Category