Advocate - Mustafa Aakash

Advocate - Mustafa Aakash Poet/Writer

07/11/2023

تنهنجي اکڙين جي چمڪاٽ ڏسي ايئن لڳو ڄڻ،
ٻَرندا رهيا ٻه جاڙا ڏيئا ڏياريءَ جا.

02/03/2023

منهنجي اکڙين جي
تلاشي ته وَٺو
مُئل خوابن جو ڀَريون
اوهان کي روئاري ڇَڏينديون!

26/01/2023

وساريا مون سڄا سجدا هئا منهنجي حصي ۾
چئي طلب نه اهڙي ڪجان ايئن به نه ٿو ٿئي
قبوليا فاصلا تنهنجي دوريءَ جا مون آهن پرين
مٽي هجي مٿي ۾ ۽ مان سجان ايئن به نه ٿو ٿئي...
مصطفيٰ آڪاش

10/08/2022

کچھ تو بتا زندگی !!
Time For Me !! Today's

ڊاڪٽر رُٿ فائو عَظيم عورت!! ڪوڙهه جي مرض سان جنگ جوٽڻ (جنهن مرض ڪيتريون ئي انساني جانيون ڳڙڪائي ڇڏيون) جرمني سان تعلق رک...
10/08/2022

ڊاڪٽر رُٿ فائو عَظيم عورت!!

ڪوڙهه جي مرض سان جنگ جوٽڻ (جنهن مرض ڪيتريون ئي انساني جانيون ڳڙڪائي ڇڏيون) جرمني سان تعلق رکندڙ هڪ سندري ڊاڪٽرياڻي ڊاڪٽر رُٿ فائو پيرين پنڌ پهتي. جن مريضن سان پنهنجي هجڻ جو احساس ڏياريندي ۽ زندگيون کسيندڙ مرض سان وڙهندي وڙهندي پاڻ به ان جو شڪار بڻجي وئي. پر همت ڪو نه هاريائين! ڏسندي ڏسندي ڪيترين ئي انسانن جي موذي مرض مان جان آجي ڪرائي قيمتي زندگيون بچائي ورتيون.
ڪراچي ۾ ڪوڙهه جي مريضن لئه اسپتال قائم ڪندڙ ڊاڪٽرياڻي جو سفر (جواني کان پوڙهائپ تائين) نيٺ پورو ٿيو
رُٿ فائو زندگيءَ جون سڀئي بهارون مرض خلاف جدوجهد ڪندي گذاريون.
بي پناهه خدمتن عيوض ڪروڙين سلام!!!!

08/08/2022
“آدرشن جو ريپ“انسان جون نج خصلتون وقت گذرڻ سان گڏ پاڻ کي ظاهر ڪنديون رهنديون پوء حجامڪي ڪپڙي تي اڇا ۽ ڪارا وار پڌرو پَٽ ...
05/05/2022

“آدرشن جو ريپ“

انسان جون نج خصلتون وقت گذرڻ سان گڏ پاڻ کي ظاهر ڪنديون رهنديون پوء حجامڪي ڪپڙي تي اڇا ۽ ڪارا وار پڌرو پَٽ ٿيو وَڃن . ٻه اکر لکندي پاڻ کي ڏاهو ڀائيندڙ دوستن کي ٻيا سڀ حقير ڇو لڳندا آهن! يا انهن جي ضمير سان ڪن اهڙن ڪردارن جو دانسته يا غير دانسته واسطو رهيو هوندو جن ڪاڻ پنهنجي ضمير سان زنا ڪندي اڳٺن جي جاءِ رٻڙ پائڻ ترجيحن تي رکي پنهنجي آدرشن کي منٽن جي بجاء سيڪنڊن تي هيرائي ڇڏيو اٿن!!!

شيخ اياز جو هي خيال به وڏي معنيٰ ٿو رَکي !
ڪُتا ڪنهن تي ٿو ڀونڪين؟
ڪو واٽهڙو به نظر نه ٿو اچي؟
شايد اهو ٿو ڏيکارين ته اڃان تائين تون چوڪيدار آهين !!

شايد ايئن ڪرڻ کانسوا انهن جي پلئه ۾ ٻيو ڪو پانڌ نه ٿو ٻَڌي سگهجي!
ايئن پنهنجي اصلوڪي انساني آدرشن سان ريپ ڪرڻ کان پاسيرا رهو نه ته سماجي ڇِپ اوهانجي بنيادن کي کوکلو ڪري ڇڏيندي!

سماجي قَدرن سان جهيڙو !لولي لنگڙي سماج ۾ اگر ڪي ڪردار سماج جي نئين سر اڏاوت ۾ پنهنجي حصي جو ڪم ڪرڻ چاهين ٿا ته انهن جي ر...
05/05/2022

سماجي قَدرن سان جهيڙو !

لولي لنگڙي سماج ۾ اگر ڪي ڪردار سماج جي نئين سر اڏاوت ۾ پنهنجي حصي جو ڪم ڪرڻ چاهين ٿا ته انهن جي رستا روڪ ڇو پئي ڪئي وَڃي!؟ ڪڏهن واٺن جي مدد وٺندي شريف ماڻهن جون عزتون حوالي ڪري بي عزتي جو ٺيڪو ٿو ڏنو وَڃي ته ڪڏهن چهري تي پورو نقاب لڳائي انڌاڌند مَيرن لفظن جي پالوٽ ٿي ڪئي وَڃي! تنقيد براء تنقيد جا تير سيني ۾ کُپڻ کان پهرين اهو سوچيو ته گدلي سماج کي پاڪ ڪرڻ لئه سڀئي مثبت ڪردار پنهنجو پنهنجو ڪم ڪندا ته تبديلي اڻٽر ٿي پوندي! پر هتي ڪم ئي اُلٽو لڳو پيو آ.

چئني پاسي ڄَر جو ڄارُ، آءٌ اڪيلو ٻارُ،
ڪهڙيءَ واهَ وڃان – مان ڪهڙيءَ واهَ وڃان؟

انسانن ۾ زهر ڀريل آ، تارونءَ تائين تار،
مان ڪهڙيءَ واه وڃان؟

ڀِڀَ وڏا ۽ ڄڀ تکي، سي ڌرتيءَ تي ئي بار،
مان ڪهڙيءَ واه وڃان؟

ـ قمر شهباز

جيتريون توانايون اوهان ٻئي کي خراب ثابت ڪرڻ ۾ لڳايو پيا ان جي اڌ جيتري محنت پنهنجي مَن کي صاف ڪرڻ ۾ لڳايو. يقين ڪريو اوهانجي اندر جون موسمون پنهنجي اردگرد جي ماحول کي ڌرتي جي سڳنڌ سان واسي وٺنديون ۽ اوهان عام مان خاص بڻجي ويندا !

هِي به ڪا زندگي آهي ڄڻ ته هٿن ۾ ڪا هٿڪڙي آهي هوائن کي ڇهڻ کان محرومنگاهن کي چمڻ کان قاصرنه سونهن کي کِليکيڪاري سگهوننه ئ...
02/05/2022

هِي به ڪا زندگي آهي
ڄڻ ته هٿن ۾ ڪا هٿڪڙي آهي
هوائن کي ڇهڻ کان محروم
نگاهن کي چمڻ کان قاصر
نه سونهن کي کِلي
کيڪاري سگهون
نه ئي جوڀن جا تتل خواب
ڪن جنت نما اکين ۾
سمهاري سگهون
رڳو صحرا جو پنڌ
رڳو سفر
انقلابيو ! ڪٿي آهيو...؟
باک جون قيدي اکيون
اوهان کي پڪاري رهيون آهن
صبح جا تازا گيت
اوهان ڏانهن وجهائي رهيا آهن
اوندهه ۾ ڦاٿل شعور جا
سُورجِي ترورا
اوهان جي اڌوري تحريڪن
جي بحاليءَ جي
انتظار ۾ آهن
اڄ جا مُنجهيل ذهن
مڃيل ذهنن جي ڳولا ۾ آهن
اي چنڊ !
ٿورو ترس، تون مايوس نه ٿي
تو جهڙا ڪروڙين
روشن چهرا
هن ديس جي ڳليءَ ڳليءَ
۾
اڄ نه سڀاڻي ضرور اڀرندا
پوءِ تون ڀلي
ٻيهر ڪڏهن به
اڀرڻ جي تڪليف نه ڪجان
ڇو ته
مون کي منهنجي ڏات ۽ ڏانءُ
اهڙي بشارت ڏني آهي .

~ مصطفيٰ آڪاش

29/04/2022

زندگيءَ جون حُسناڪيون ويساهه جي ٿنڀن تي بيٺل هونديون آهن! ويساهه جو لاڳاپو ويجهن رشتن سان ئي! جَڏهن ويساهه ئي نه رَهي ته رشتن مان ساهه ڇَڏائجي ويندو آ.!!!

دوسروں کی پیروی کرنے کا ہرگز یہ مطلب نہیں کہ آپکو بھی وہی کچھ ملے گا جو اس نے حاصل کیا ...!
06/10/2021

دوسروں کی پیروی کرنے کا ہرگز یہ مطلب نہیں کہ آپکو بھی وہی کچھ ملے گا جو اس نے حاصل کیا ...!

Address

Kandhkot

Website

Alerts

Be the first to know and let us send you an email when Advocate - Mustafa Aakash posts news and promotions. Your email address will not be used for any other purpose, and you can unsubscribe at any time.

Share