K K Law Associates

K K Law Associates Advocate Of High Court Sindh

Exciting Opportunity for Law Students! KK Law Associates is offering a two-month Legal Internship in Hyderabad, designed...
18/09/2024

Exciting Opportunity for Law Students!
KK Law Associates is offering a two-month Legal Internship in Hyderabad, designed to provide hands-on experience in the legal field. Don’t miss out on this chance to boost your legal career!

📅 Apply before 26th September 2024!

سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جو انوکو ڪارنامو!ڪجھ ڏينهن اڳ سنڌ هاءَ ڪورٽ حيدرآباد سرڪٽ بينچ ۾ عوامي مفادن وٽان آئيني درخواسٽ (Pub...
24/08/2024

سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جو انوکو ڪارنامو!

ڪجھ ڏينهن اڳ سنڌ هاءَ ڪورٽ حيدرآباد سرڪٽ بينچ ۾ عوامي مفادن وٽان آئيني درخواسٽ (Public Interest Petition) اسانجيKK Law Associates جي وڪيل ڪيول ڪمار ڀيل معرفت داخل ڪرائي وئي هئي، جنهن ۾ درخواستگذار ونود ڪمار آھي، پٽيشن جي 24/08/2024 ڪورٽ سڳوري ٻڌڻي ڪئي ۽ ڌرين کي نوٽيس جو حڪم ڪندي 3 هفتن کان پوء گهرائي ورتو آھي.

ياد رهي ته هن آئيني درخواست ۾ اسان سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن پاران پوليس کاتي ۾ 9 اسڪيل جي نوڪرين اسسٽنٽ سب انسپيڪٽر (ASI) کي چيلنج ڪيو آهي. اسان جو قانوني اعتراض آهي ته سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن رڳو 16 ۽ 22 اسڪيل جي نوڪرين تي امتحان وٺي سگهي ٿي.

سنڌ ھاء ڪورٽ سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن پاران اسسٽنٽ سب انسپيڪٽر ڀرٿين ۽ گھٽ گريڊ واري ڀرٿيون ڪرڻ خلاف، عدالت پاران چيف سيڪريٽري سنڌ، چيئرمين، سيڪريٽري، اسسٽنٽ ڪنٽرولر، اسسٽنٽ ڊائريڪٽر جي آر ايس، اسسٽنٽ ڊائريڪٽر آر ايس 3 سميت سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن نوٽيس جاري 3 ھفتن تائين جواب داخل ڪرائڻ جو حڪم.

سنڌ ھاء ڪورٽ سرڪٽ بئنچ حيدرآباد جي جسٽس ارشد حسين خان ۽ جسٽس ثنا اڪرم منھاس تي مشتمل ڊويزنل بينچ ٻڌڻي ڪئي منهنجي درخواست تي ايڊوڪيٽ ڪيول ڪمار ڀيل عدالت ۾ موقف اختيار ڪيو.

سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن 16 ھين گريڊ کان مٿي پوسٽن ۾ ٽيسٽ ۽ انٽرويو ڀرٿيون ڪري سگھن ٿا، 16 ھين اسڪيل کان ھيٺ ڀرٿيون سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جي ڊومين ۾ نه ٿيون اچن.

ماضي ۾ ھڪ گريڊ کان 16 جون ڀرٿيون لاڳاپيل کاتو ٿرڊ پارٽي يعني آءَ بي اي سکر، ايس ٽي ايس يا سنڌ حڪومت جي پنھنجي ٽيسٽنگ ايجنسي آھي انھي معرفت ڪرائيندا آھن ھن ڀيري سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن ڪري رھي آھي اھو رولزس جي ابتڙ آھي.

ساٿ سلامت!

08/08/2024

مخصوص سيٽن جو سوال ۽ اليڪشن ترميم بل 2024

ا ڄ 08. 08. 2024 تي صدر زرداري اليڪشن ترميم بل 2024 (پارليمينٽ ۾ پاس ٿيل بل) تي صحيح ڪري بل کي قانوني شڪل ڏئي ڇڏي۔ هن قانون تحت ڪو به آزاد اميدوار اليڪشن کانپوء ڪنهن به سياسي پارٽي کي جوائن نٿو ڪري ڪري سگهي ان جو مطلب ته پي ٽي آءَ جا 41 آزاد اميدوار پي ٽي آء کي جوائن نٿا ڪري سگهن جنهن جو صاف مطلب اهو آهي ته سپريم ڪورٽ جي فيصلي تحت پي ٽي آءَ کي امڪاني مخصوص سيٽون ملڻ تيسين مشڪل ٿي ويو آهي جيسين پي ٽي آءَ طرفان اهڙي قانون کي سپريم ڪورٽ اسٽي ڏي يا غير قانوني قرار نٿي ڏئي۔ ياد رهي ته هوڏانهن اليڪشن ڪميشن سپريم ڪورٽ جي مخصوص سيٽن واري فيصلي خلاف نظرثاني جي درخواست ڏئي ڇڏي آهي ان دوران اليڪشن ڪميشن پي ٽي آء کي سپريم ڪورٽ جي فيصلي تحت ملڻ واريون امڪاني مخصوص سيٽون جيڪر ٻين پارٽين کي واپس ڏي ٿي ته ان ۾ ڪا به آئيني ۽ قانوني رڪاوٽ نه هوندي۔

وڪيل ڪيول ڪمار
هاء ڪورٽ سنڌ حيدرآباد

Empowering Consumers in Sindh!Last publication in DAILY SINDH NEWS PAPER.Discover the motive and role of Sindh Consumer ...
06/08/2024

Empowering Consumers in Sindh!
Last publication in DAILY SINDH NEWS PAPER.

Discover the motive and role of Sindh Consumer Protection Laws in safeguarding your rights! These laws aim to promote transparency, accountability, and fair trade practices, ensuring you make informed decisions and have a voice in the market.

"

03/08/2024

ايف آء آر ڪيئن ڪٽرائجي؟

ڪنهن به فوجداري ڪيس ۾ ڏوھ ثابت ٿيڻ جو دارومدار ايف آء آر تي هوندو آهي۔ ايف آء آر ڪٽرائڻ وقت هيٺيون ڳالھيون ذهن ۾ رکجن۔

1. واقعي جي فورن بعد ايف آء آر ڪٽرائجي ڇو ته دير ڪيس کي ڪمزور ڪندي آهي

2. فريادي اهو ٿئي جيڪو واقعي جو اکين ڏٺو شاهد هجي ڇو ته ٻڌل ڳالھ جي قانون ۾ ڪا به حيثيت نه هوندي آهي

3. واقعي ۾ جوابدارن جو ڊائريڪٽ ۽ خاص قسم جو رول ڄاڻائڻ انتهائي ضروري آهي خاص ڪري قتل يا جهيڙي جي ڪيسن ۾

4. زنه قتل ۽ جهڙي جي ڪيسن ۾ ايف آء آر ۾ فريادي جو موقف ۽ ميڊيڪل ۾ ڊاڪٽر جو موقف ساڳيو ھڻن کپي

5. زنه يا بدفعلي جي ڪيسن ۾ جيترو جلد ٿي سگهي متاثر ۽ جوابدار جو ڊي اين اي ۽ ميڊيڪل ڪرائڻ کپي

6. واقعي جا اکين ڏٺا شاهد هجن ته بهتر آهي انهن جو ايف آء آر ۾ ذڪر ڪجي

7. ايف آء آر پاڻ ڪٽرائجي ته بهتر آهي ڇو ته پوليس ايف آء آر ۾ ڪافي جهول رکندي آهي

8. ايف آء آر ۾ تاريخ, وقت, جاء واردات ۽ صاف ۽ چٽو ذڪر هڻن کپي

9. ڪوشش ڪجي جاء واردات کي پوليس جي اچڻ کان اڳ ۾ محفوظ ڪجي

10. ايف آء آر ۾ جوابدار ڌر سان اڳ ۾ دشمني جو ذڪري ڪرڻ به ضروري آهي

نوٽ: اسان ايندڙ پوسٽ ۾ انويسٽيگيشن ۽ ٽرائل تي ڳالھ ٻول ڪنداسين۔ توهان دوسٽ به ايف آء آر ڪٽرائڻ جي حوالي سان پنهنجي قيمتي راء رکي سگهو ٿا۔

وڪيل ڪيول ڪمار
هاء ڪورٽ حيدرآباد.
K.K Law Associate, Hyderabad.

وڪيل ڪيول ڪمار هان ڏاريندڙ روڊ حادثا, سبب ۽ قانون...!روڊ حادثا روز جو معمول بڻجي ويا آهن. ڪالھ به ٿرپارڪر ۾ سلام ڪوٽ ويج...
01/08/2024

وڪيل ڪيول ڪمار
هان ڏاريندڙ روڊ حادثا, سبب ۽ قانون...!

روڊ حادثا روز جو معمول بڻجي ويا آهن. ڪالھ به ٿرپارڪر ۾ سلام ڪوٽ ويجهو هڪ ننڊڙو اسڪول جو شاگرد ڊمپر هيٺ چيڦاجي اجل جو شڪار ٿي ويو. اهڙا هان ڏاريندڙ حادثا هر روز هاء وي کان ويندي ٻهراڙين جي روڊ رستن تي عام جام ٿين پيا.
سوال اهو آهي ته ڇا اهڙن حادثن کي روڪڻ ۽ حادثي جي صورت ۾ ڪو ڪرمنل يا سول قانون موجود آهي؟
جواب جي ها, بلڪل آهي!
اسان وٽ عام طور تي روڊ حادثي يعني ايڪسيڊنٽ ٿيڻ جي صورت ۾ پوليس پاڪستان فوجداري قانون (پاڪستان پينل ڪوڊ) جي قلم 320 (قتل خطا تيزرفتاري يا اڻڍنگائتي ڊرائيونگ جي سزا) ۽ 287 (مشين ذريعي غفلتي عمل) جي تحت ايف آء آر ڪٽيندي آهي پر تمام ٿورڙي تعداد ۾ اهڙا ڪيس ڪيفرڪردار تائين پھچندا آهن گهڻو ڪري فوتي جا مائٽ مجرم کي معاف ڪري ڇڏيندا آهن ۽ ائين زميدار قانون جي پڪڙ ۾ نه ايندا آهن.
روڊ حادثا گهڻو ڪري تيزرفتاري, گاڏين جو ڊرائيور جي ڪنٽرول کان نڪرڻ, اچانڪ جانور وغيره جو اچڻ, فني خرابي جي صورت ۾ بريڪ نه لڳڻ, ڊرائيور جو نشي يا اوڄاڳي جي صورت ۾ گاڏي هلائڻ, ننڊين گاڏين جهڙوڪ: موٽر سائيڪل, ڪار, سوزوڪي, وغيره جو رانگ سائيڊ ۾ اچڻ جي صورت ۾ ٿين ٿا.
هاڻ اسان جيڪڏهن قانوني نقطئي نظر سان ڏسون ته مٿيان حادثا ٽريفڪ قانون جي سنگين ڀڃڪڙي جي ڪري ئي ٿين ٿا پر اسان وٽ بدقسمتي سان ماڻهن کي قانون جي خبر ئي نه آهي پر جيڪر آهي ته ان تي عمل درآمد نٿو ٿئي.

هاڻ اچو ته حادثاتي موت جي صورت ۾ سول قانون تي نظر وجهون.
Fatal Accident Act, 1855
فيٽل ايڪسيڊنٽ ايڪٽ 1955 اهڙن ئي حادثاتي موت جي صورت ۾ فوتي جي وارثن جي لاء معاوضي جي متعلق آهي.
حادثاتي موت جهڙوڪ : بجلي جو ڪرنٽ لڳڻ, باھ ۾ سڙڻ, پاڻي ۾ ٻڏي مرڻ, اسپتال ۾ عملي ۽ ڊاڪٽرن جي غفلت سبب مرڻ, روڊ حادثن ۾ مرڻ, وغيره نمايان آهن.

اهڙي صورت ۾ هن قانون جي تحت سول ڪورٽ سڳوري ۾ حادثي جي زميدار جي خلاف ڪيس داخل ڪري سگهجي ٿو.
هي هڪڙي قسم جو معاوضي جو قانون آهي جنهن ۾ ڪيس ثابت ٿيڻ تي زميدار کي ڳرو معاوضو ڀرڻو پوندو آھي.
ھي قانون پاڪستان فوج داري قانون کان ھٽي ڪري آھي مٿي زڪر ڪيل پاڪستان فوج داري قانون جي قلم 320 ۽ 287 ۾ ديئت (خون جي ٺاھ جي صورت ۾ ھڪ قسم جو معاوضو جيڪو ھن وقت تقريبن 2500000 آھي)
۽ 10 سال قيد جي سزا تجويز ٿيل آھي پر ھن قانون جي تحت فوتي جا وارث سول مقدمو يعني فرياد ڪري سگھن ٿا. اھڙي ڪيسن ۾ ھون ته انساني جان جي ڪا به قيمت پئسن جي صورت ۾ نٿي لڳائي سگھجي پر تنھن ھوندي به قانون فوتي جي وارثن کي اھڙو معاوضو ھيٺين صورت ۾ ڏي ٿو جھڙوڪ: فوت ٿيڻ وقت فوتي جي عمر جيڪر 25 سال آھي ۽ هو هر مهيني 25000 ڪمائيندڙ هو ۽ ھن جي خاندان جي وڌ ۾ وڌ ڄمار (عمر جي شرع) 75سال آھي ته ايندڙ 50 سالن ۾ زنده هئڻ جي صورت ۾ همراه جي 50 سالن آمدني 12,500,000 رپيا رقم ٿئي ها ان کان علاوه فوتي جو ذاتي خرچا پر جيڪڏھن شادي شده آھي ته ٻارن جا خرچا, ڪفن دفن جا خرچا ۽ ٻيا خرچ شامل آھن سڀئي گڏائجن ته 50,000,000 تائين وڃي دعوئ بيهي ٿو جيڪا هڪ وڏي رقم آهي ڪورٽ سڳوري ۾ ثابت ٿي وڃ ۽ زميدار کي ڀري ڏيڻي پوي ٿه ڪيترائي ڊمپر ڊرائيور, نشئي, تيز رفتاري وارا ۽ ٽريفڪ قانون جي پاسداري نه ڪندڙ ضرور سوچيندا.
اسان سڀني تي اھا زميداري آھي ته ٺھيل ٽريفڪ قانون جي پاسداري ڪيون ۽ حادثي جي صورت ۾ ڪرمنل توڙي سول ڪيس داخل ڪري ڏوھاري کي منتقي انجام تائين پهچايون ۽حڪومت تي پڻ اھا زميداري عائد ٿئي ٿي ته روڊ حادثن جو الڳ سان قانون ٺاھي جنھن ۾ سخت سزائون تجويز ڪيون وڃن.

Kewal Kumar Advocate High Court.
K.K Law Associate, Hyderabad.

Address

Hyderabad

Opening Hours

09:00 - 17:00

Website

Alerts

Be the first to know and let us send you an email when K K Law Associates posts news and promotions. Your email address will not be used for any other purpose, and you can unsubscribe at any time.

Share